موبائل فون ۽ نوجوان نسل تباھ

مير ذوالفقار چانڊيو
دنيا ھر طريقي سان ڏينھون ڏينهن ترقي ڪري رھي آھي ھر ملڪ طرفان روزانہ مارڪيٽ ۾ نيون ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ڪنھن بہ شيءَ کان گھٽ ناهي منھنجي مضمون جو موضوع صرف موبائل ٽيڪنالاجي آهي جڏهن موبائل جھڙي نئين ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ متعارف ٿي شايد ئي ڪجھ ماڻهن کي موبائل جي ڪجھ خبر چار ھئي پر آھستي آھستي موبائل فون مارڪيٽ ۾ ايندي وئي ۽ ماڻھن کي سھولتن سان گڏ وڏي ڄاڻ معلومات جو خزانو ملندو ويو ائين کڻي چئجي تہ اڄ ڪلھ جي دؤر ۾ موبائل فون ھڪ طاقتور ٽيڪنالاجي ثابت بڻجي وئي آهي جنھن جي طاقت سان ماڻھن کي گھڻو ڪجھ حاصل ٿي رهيو آهي جيئن شروع واري دؤر ۾ موبائل فون صرف ڪال تي ڳالھائڻ جي لاءِ استعمال ٿيندي ھئي جنھن کي آھستي آھستي ترقي ملندي وئي جنھن کان پوءِ موبائل فون کي انٽرنيٽ جو سھارو ملي ويو جنھن جي ڪري گھر ويٺي پوري دنيا سان رابطو جڙي ويو گھر ويٺي آن لائن سسٽم ذريعي ڪاروبار ٿيڻ شروع ٿي ويو ھر ڪم موبائل فون ذريعي ٿيڻ لڳو ايتري قدر ڪنھن ڏورانھين سفر جو رستو ڳولڻ ڪتابن جا مطالعا ڪرڻ پڻ موبائل فون ۾ شامل ٿي ويا آهن دنيا جو ھر ننڍو وڏو ڪم موبائل فون تي ٿي رهيو آهي موبائل فون کي سوشل ميڊيا جو سھارو ملڻ کان پوءِ صرف موبائل فون طاقتور نہ بڻجي وئي پر حقيقت ۾ ھر اُھو ماڻھو طاقتور بڻجي ويو آهي جيڪو ٽچ موبائل فون ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪري رھيو آھي پر ياد رهي تہ ھي ٽيڪنالاجي صرف ائين طاقتور نہ ٿي آهي اِن موبائل فون گھڻن شين کي کائي ڪري طاقتور بڻجي وئي آهي مثال طور: موبائل فون هَٿَ مان واچ کائي وئي،ٽارچ لائٽ کائي وئي،خط کائي وئي،ڪتاب کائي وئي،ريڊيو کائي وئي،ٽيپ ريڪارڊر کائي وئي،ڪميرا کائي وئي،ڪلڪيوليٽر کائي وئي،پاڙيسريءَ جي محبت کائي وئي،سچي محبت کائي وئي، اسان جو وقت کائي وئي،اسان جو سڪون کائي وئي، اسان جا پئسا کائي وئي،واسطا کائي وئي،ياداشت کائي وئي،صحت ۽ تندرستي کائي وئي موبائل فون ايترو ڪجھ کائڻ کان پوء به (سمارٽ فون) ئي رهي آهي.
تبديل ٿيندڙ دنيا جو اهڙو اثر ٿي ويو آهي جو ماڻهو چريا ۽ موبائل فونون ( سمارٽ) ٿينديون پيون وڃن جيسيتائين فون تار سان ٻڌل هئي ماڻهو آزاد هئا،جڏهن فون آزاد ٿي ته ماڻهو فون سان ٻڌجي ويا آڱريون نڀائي رهيون آهن اڄ ڪلھ جا رشتا، زبان سان نڀائڻ جو وقت ڪنهن وٽ به ناهي،
سڀ ٽچ ۾ مصروف آهن ڪوئي به فريش ۽ آزاد ناهي … !ھِن جديد دؤر ۾ ڪافي ماڻھو موبائل فون کي معاشري جي تباھي ۽ نقصانڪار سمجھندا رھن ٿا پر حقيقت ۾ موبائل فون ھڪ اھڙي شيءَ آهي جھڙي طريقي سان ھلائيندو بلڪل اھڙي طريقي سان ھلندي رھندي موبائل فون کي جيڪڏهن فائدو سمجھي ڪري ھلايو ويندو تہ گھر ويٺي توهان کي گھڻا ئي فائدا ۽ سھولتون ميسر ڪرڻ واري جديد ٽيڪنالاجي آهي جيڪڏهن وري ساڳئي موبائل فون کي غلط طريقي سان استعمال ڪندو تہ اِھا وڏي ڪم واري ٽيڪنالاجي فائدي بدران توهان کي وڏا نقصان ڏئي سگھي ٿي منھنجي ذاتي خيال مطابق موجوده حالتن ۾ ھر گھر ۾ ٽي فرد موبائل فون ضرور استعمال ڪري رھيا آھن جنھن ۾ ڪجھ ماڻھون موبائل فون کي صرف پنھنجي ڪم ڪار جي استعمال ڪرڻ تائين محدود آهن جن کي موبائل فون مان گھڻو فائدو حاصل ٿيندو رهي ٿو پر افسوس اڄ ڪلھ جا نوجوان موبائل فون کي غلط استعمال ڪري رھيا آھن جنھن جي ڪري معاشري ۾ وڏا نقصان ٿي رهيا آهن جيڪي توهان جي ۽ اسان جي سامهون آھن روزاني جي بنياد تي T.V چينلن تي ڏسندا ٻڌندا يا اخبارن ۾ پڙھندا رھندا آھيون جنھن جا مثال توهان جي سامھون پيش ڪجن ٿا موبائل فون تي دوستي پيار جا پرڻا ماءُ پيءُ جي عزت خراب ڪرڻ ھڪ عام ڳالھ بڻجي وئي آهي موبائل فون تي دھشتگردي جا واقعا ماڻھو اغوا ٿيڻ کان پوءِ موبائل فون ذريعي ڀُنگ طلب ڪرڻ خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ شاگردن وٽ موبائل فون رکڻ جنهن سان پوري اداري جو ماحول خراب ڪرڻ شامل آهي اِن سان گڏوگڏ شاگردن جو موبائل فون تي گھڻو توجھ رکڻ تعليم کان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ نوجوانن خاص ڪري ننڍن ٻارن ٻارن لاءِ وڏو نقصانڪار آهي اِھو احساس ۽ ذميداري انھن جي والدين تي ٿئي ٿي تہ انھن جو اولاد موبائل فون ڪھڙي طريقي سان استعمال ڪري ٿو منھنجي ذاتي خيال مطابق اڄ ڪلھ جي نوجوان نسل کي تباھ ۽ برباد ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ صرف ھڪ ئي رستو آهي تہ انھن جا والدين ٻارن جي موبائل فون ۽ انھن جي چُر پُر تي ھر وقت ڪڙي نظر رکن جنھن سان اڄ جا نوجوان تباھي بربادي کان بچي سگھن ٿا خاص ڪري اڄ ڪلھ جا نوجوان اڪثر وقت موبائل فون تي مختلف گيم کيڏڻ سندن جاني توڙي مالي نقصان ٿيڻ جا واقعا پڻ رونما ٿي رھيا آھن خاص ڪري پب جي گيم کيڏڻ سان نوجوان ذھني پريشاني سان گڏ ڊپريشن جا مريض بڻجي رهيا آهن وڏي ڳالھ تہ موبائل فون تي سيلفي ڪڍڻ سان نوجوانن جي مرڻ جا واقعا پڻ وڌي رھيا آھن سوشل ميڊيا جو غلط استعمال پڻ معاشري ۾ تباھي ۽ بربادي جو باعث بڻجي رهي آهي جنھن تي ڪنٽرول ڪرڻ اسان ۽ توهان جي وس ۾ آهي جيڪڏهن اسان ۽ توهان اِن ساڳئي موبائل فون کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيون تہ معاشري ۾ بھتري اچي سگهي ٿي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي موبائل فون کي غلط طريقي سان استعمال ڪندا رھنداسين تہ يقينن معاشري ۾ تباھي ۽ بربادي وڌندي رھندي موبائل صارفين کي گھرجي تہ موبائل فون سان گڏ سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ڪري تہ جيئن معاشري سميت ملڪ اندر بھتري اچي سگهي ٿي
meerzulfiqar572@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں