محمد اظھر رند
تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته خبر پوندي ته برصغير ۾ هن خطي ۾ ٻن حصن ۾ تقيسم ٿيل هو هنڌ ۽ سنڌ جتي مختلف قومون رهنديون هيون انگريزن جي حڪمراني ۾ وڳوڙن کانپوءِ هنڌ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو هن ايشيا کنڊ ۾ ٻه قومي نظريو تحت پاڪستان ۽ ڀارت وجود ۾ آيا شروعات ڏينهن ۾ انڊيا کان مهاجر هجرت ڪري اڪثريت تعداد سنڌ ۾ رهائيش پذير ٿي ڪري هتان جي هنڌونه ديوانن جي ڇڏيل ملڪيت ته پنهنجو ديرو ڄمائي ورتو جنهن کانپوءِ طاقتور قوتون ڪراچي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ هتي هٿ وٺي قوميت نالي ته سنڌي مهاجر جا فساد شروع ڪرائي ڇڏيا جنهن رجي ڪري وقت به وقت ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي اهڙي ريت پاڪستان جي بنگالي وزيراعظم محمد علي بوگرهه 22 هين نومبر 1954ع تي ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو هن ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪارو ڏينهن هو اهڙا ويڌن سنڌ سان ختم نه ٿيا ته سنڌ جي راڄڌاني جي حيثيت 1957ع ۾ ختم ڪئي وئي جنهن سان هن صوبي جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو ڌچڪو لڳو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي معشيت جو ناڻو وفاق پنجاب ڏانهن منتقل ٿيڻ ڪري اتان جي صوبي کي فائدو رسڻ شروع ٿي ويو 1958ع ۾ ملڪ جي صدر اسڪندر مرزا مارشل لا جو اعلان ڪيو ۽ فوج جي سربراهه جنرل ايوب مارشل لا کانپوءِ ملڪ جون واڳون سنڀاليون جنهن 1958ع ۾ ملڪ جي راڄڌاني کي راولپنڊي کڻي ويو جڏهن جنرل يحي 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ڪري 1947ع وارا پراڻا صوبا بحال ڪيا پر پراڻو ھن ملڪ جو گاڌي وارو شھر ڪراچي راڄڌاني بحال نه ڪيو ويو جنهن جي ڪري ھن شھر ۾ مختلف قومن جي لوڌ ڌاريا آباد ڪاري ۾ آڻ کوٽ آضافو پيش آيو ھن موجودھ پ پ ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت طرفان ملڪ ۾ نئون صوبا ٺاھڻ لاء 7 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جو سربراھي آڳواڻ سيد خورشيد شاھ سميت 6 ٻيا ميمبر گڏ آهن جنهن ۾ مرتضي جاويد عباسي انجنيئير شبير حسين ڪاظمي خالد حسين مگسي مسز نظرت پٺاڻ نويد عامر ڊاڪٽر رميش ڪمار ويڪواني شامل آهن جيڪي ملڪ ۾ نئون صوبا جوڙڻ لاءِ گڏيل مشاورت ڪندا پر ملڪ جي آئين آرٽيڪل نمبر 239 جي شق ڇوٿين ۾ لکيل آھي ته آئين ۾ اھڙي ترميم جنهن جو واسطو ڪنهن صوبي جي حدن ۾ ڦيرڦار سان ھوندو اھڙو بل صدر ڏانهن صيحيح لاء تيستائين موڪلي نه سگھبو جيستائين ان صوبي جي اسيمبلي اھڙو بل پنھنجي ڪل ميمبرن جي ٻه ڀاڳي ٽي جي اڪثريت سان پاس نه ڪيو ھجي پر سنڌ جو شعور پنهنجي ثقافت ٻولي تمدن سان روح جو رشتو جڙيل آهي .
تڏهن ته شاعر سچ چيو ته
ڪاتي ھيٺان ڪنڌ پوء به نعرا نينھن جا
سنڌڙي جو سوڳنڌ مرنداسين پر مرڪندي ـ
سنڌ ۾ الڳ صوبو ڇو ٺھي ھتي سنڌي پرامن محبت جي پرچار سبب دنيا جي ڪنڌ ڪڙڇ مان لکين جي تعداد ۾ ڌاريا اچي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ آباد ٿي ويا آهن ھنن ڌاريا جيڪي سنڌ جي ترقي خوشحالي ۾ رنڊڪ بڻيل آهن انهن لوڌ جي يلغار کي سرڪار ڪڏهن سنڌ مان نيڪالي ڏيندي جيڪو ھڪ سوالي نشان آهي ڇاڪاڻ ته ڌاريا جي آبادي ڏينهون ڏينهن ۾ اضافو اچي رھيو آهي جيڪي سنڌيت جي حقن تي پئمال ٿي رھي آهن سنڌ جي شعور جو سرڪار کان اھا گھر ڪري پئي تي سنڌ کي امڪاني ورھاست کان جلد روڪيو وڃي ۽ قومي اسيمبلي ۾ جوڙيل نئون صوبن واري ڪاميٽي کي ختم ڪيو وڃي نه ته سنڌ جو سنڌي پنهنجي حقن ننگن ڌنگن جي حفاظت پاڻ ڪري ڄاڻي ٿو تڏهن ته عوامي انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي حق تي شاعر لکيو آهي ته
جئي سنڌ ! جيجل جو آهي قسم
ته جيسين آ سينو ۽ سڀني ۾ دم
ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم
ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رھي ـ
azharrind1@gmail.com
