نوشھروفيروز (ڊ ر) ضلع بار ڪائونسل نوشھروفيروز جي سالياني چونڊن ۾ سخت مقابلي بعد فرينڊز لائيرز پئنل جا اميدوار اڪثريت سان ڪامياب۔ يونائيٽڊ پئنل جنرل سيڪريٽري جي سيٽ کٽي وڏو سرپرائيز ڏيڻ ۾ ڪامياب. ايڊووڪيٽ محمد اياز مري 336 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو جڏهن ته سندس مخالف اميدوار ابرار علي چانڊيو صرف 93 ووٽ کڻي سگهيو. جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي يونائيٽڊ پئنل جو شوڪت علي ٻوهيو 260 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته امر امتياز ميمڻ 168 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو۔ان کان علاوه شڪيل احمد جوکيو 237، جوائنٽ سيڪريٽري تي نعيم خان لوهاڻو خزاني/ مالياتي سيڪريٽري علي رضا خانزاده سميت ٻين ميمبر پڻ ڪاميابي ماڻي. هوڏانهن شھرين، سياسي سماجي ڌرين چونڊجي آيل سڀني عهديدارن کي مبارڪ باد ڏيندي اها اميد رکي آھي ته نوان چونڊيل عهديدار شھر جي ڀلائي ۽ مظلوم ماڻهن کي ڪورٽن مان انصاف ڏيارڻ لاء پنهنجو ايمانداري سان ڪردار ادا ڪندا.
