لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀ منهنجي ذاتي گهڙي پٺيان پئجي ويا آهن، ذاتي گهڙي آهي، مان کپايان ڇا به ڪريان منهنجي مرضي. وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ۾ عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ سميت هر طبقي کان پڇان ٿو ته اوهان کي ڳڻتي ناهي ته پاڪستان ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي سليڪٽڊ چوندا هئا، هاڻي ته ڪنهن کي شڪ نه ٿيڻ گهرجي ته سليڪٽڊ ڪير آهي؟ سڀني کي خبر آهي ته جنرل ( ر ) قمر جاويد باجوا کين اين آر او ٽو ڏنو. سندس چوڻ هو ته ملڪ معاشي تباهي ڏانهن وڌي رهيوآهي، اسان کي ان بحران مان چونڊون ئي ڪڍي سگهن ٿيون، سليمان شهباز به هاڻي اڇو اجرو ٿيندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مخالف مون کي نااهل ڪرڻ لاءِ ڪيس ڳولي رهيا آهن، ادارن کي ملڪ جو سوچڻ گهرجي، ڊسمبر اسان جي تياري ٿي ويندي، هلندڙ مهيني اسيمبلين مان نڪري وينداسين. هن چيو ته نئون آرمي چيف آيو آهي کيس وقت ڏيڻ گهرجي، اسان سندس بابت ڏاڍيون سٺيون شيون ٻڌيون آهن، جنرل عاصم منير جون ڏاڍيون تعريفون ٻڌيون آهن، هو قرآن جو حافظ آهي، اميد آهي ته جنرل عاصم امر بالمعروف تي هلندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڏي چور کي ڇڏيو ويندو آهي، ننڍي کي سزا ڏني ويندي، اسان کي آرمي چيف مان وڏيون اميدون آهن.
