ٽنڊوآدم ( ن س ) گذريل ڏينھن گڊز ٽرانسپورٽ ايوسيئيشن ٽنڊوالھيار جي صدر ارشاد احمد جسڪاڻي . گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن سڪرنڊ جي صدر رضا محمد ڪيريو ۽ ٻين عھديدارن ٽنڊوآدم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ھنن ٽنڊوآدم گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عھديدارن صدر شڪيل احمد بلوچ . نائب صدر ملڪ غلام مصطفي’، جنرل سيڪريٽري حافظ آفتاب جوڻيجو، جوائنٽ سيڪريٽري شھمير خان ڇٽو، پريس سيڪريٽري راڻا ادريس . ابراھيم بلوچ ۽ ٻين عھديدارن کي مبارڪباد ڏني کين لونگين . اجرڪن ۽ گلن جا ھار پارايا جڏھن ته ٽنڊوآدم گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران آيل مھمانن کي اجرڪون ۽ گلن جا ھار پارايا ويا ان موقعي تي اڳواڻن ارشاد احمد جسڪاڻي . رضا محمد ڪيريو . شڪيل احمد بلوچ . شھمير خان ڇٽو ۽ ٻين چيو ته ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل تمام گھڻا مسئلا آھن جنھن ۾ ٽرانسپورٽ اڏن جا مسئلا آھن زميندارن جا مسئلا آھن پوليس جي زيادتين جا مسئلا آھن جن کي گڏيل اتحاد سان حل ڪيو ويندو اسان جي يونين ڪنھن جي خلاف ناھي پنھنجي ڪاروبار کي سھولت پھچائڻ لاء يونين ٺاھي آھي تمام جلد حيدرآباد . شھدادپور . نوشھروفيروز ۽ ٻين شھرن ۾ يونين ٺاھي ويندي يونين جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.
