ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پوليس جي نااهلي خلاف ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو احتجاج دوران امن امان جي بحالي ۽ نااهل پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاجي ريلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن دڪاندارن واپارين استادن شاگردن سميت شھرين جي شرڪت احتجاج ڪندڙ شھري ايڪشن ڪاميٽي چئيرمين ربڏنو ابڙو آزاد سنجراڻي دربان عالماڻي سگا صدر حافظ الھندو شلوا چئير مين ڪامريڊ جوشيلو سنڌي ايس يو پي اڳواڻ جاويد شورو پير بخش سهارڻ جي يو آئي اڳواڻ حافظ جميل احمد لغاري شھيد ڀٽو اڳواڻ ڪامريڊ محمد سليمان ڀلائي ڄامشورو اتحاد اڳواڻ آصف شورو يوٿ الائينس اڳواڻ سيد ساجد شاھ جيئي سنڌ تحريڪ اڳواڻ انور بڙدي فنڪشنل ليگ اڳواڻ مير مرتضي نائچ دڪاندار اتحاد اڳواڻ مير امتياز چانڊيو ياسين برهماڻي رستم تيوڻو سيوا جيئي لطيف اڳواڻ غلام مصطفى چانڊيو سماجي اڳواڻ اين بي کوسو جاويد برهماڻي اڪرم مصراڻي حبيب الله آمڙو ڪامريڊ نور محمد پرهياڙ مدينا ننگر اڳواڻ لطف پنھيار ۽ ٻين چيو ته آھي تـ ھي شھر تعليم جي درسگاھن وارو شھر آھي ھتي روزانو ڏينھن ٿوڙي رات جو ڦورو سرعام شھرين کان ڦر ڪري ڌاڙا ھڻن روز جو معمول بڻجي ويو آھي ھتي پوليس توڙي قانون جو نالو نشان ناھي پوليس گشت ناھي پوليس اھلڪارن جي کوٽ آھي فائٽر گشت ناھي ھنن آء جي سنڌ پوليس ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته شھرين کان ڦر ٿيل سامان رڪور ڪري ڦورو گرفتار ڪيا وڃن نااهل ايس ايڇ او ڄامشورو کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس ڄامشورو آڏو ڌرڻو هنيو ويندو,
