اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تاڙي هڪ هٿ سان نه، ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، اسان ملڪ خاطر سمورا اختلاف وساري سگهون ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر سان منهنجي اجازت سان ملاقات ڪئي، پاڪستان لاءِ هڪ ڇا سئو وکون به اڳتي وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته تاڙي هڪ هٿ سان نه ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، پاڪستان خاطر سمورا اختلاف وساري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي ۾ منهنجي خلاف ٻن سالن تائين جاچ ٿيندي رهي، پاناما ۾ نواز شريف جو ڪٿي به نالو نه هيو، برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي جي جاچ جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي، ڊيلي ميل به مون تي مڙهيل سمورن الزامن تي معافي گهري آهي. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت شريف خاندان نه پر پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪيس پاناما جو هو ۽ سزا اقامي تي ڏني وئي، مون اعلان ڪيو هوته سندن خلاف عدالت ۾ ويندس. ڊيلي ميل غيرمشروط معافي گهري، جڏهن ته عمران خان جي دٻاءُ تي مون تي الزام مڙهيا ويا، سندس الزامن سان ملڪ جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي، هن دنيا کي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي امداد نه ڏيو حڪمران کائي ويندا. اڳوڻي وزيراعظم تي تنقيد ڪندي شهباز شريف چيو ته ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهايو ويو جنهن جي مثال تاريخ ۾ نٿي ملي، هڪ همراهه اسان جي معيشت کي تباهه ڪري پرڏيهي پاليسي کي نقصان رسايو ويو، گذريل حڪومت اسان جي خاندان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوري دنيا ۾ شريف خاندان کي خوار ڪيو ويو ۽ اسان تي بي بنياد الزام مڙهيا ويا. شهباز شريف چيو ته عمران خان ۽ سندن ساٿين الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو پر ڪو الزام ثابت به نه ڪري سگهيا، عمران خان رڳو گارگند واري سياست کي هٿي ڏني. اڳوڻي آرمي چيف بابت تڪراري بيان تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته باجوا صاحب رٽائرڊ ٿي ويو آهي، کيس سڪون جي زندگي جيئڻ ڏيو، باجوا صاحب! عمران خان جو محسن هو، عمران خان احسان فراموش آهي.
