حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ فرينڊس آرگنائيزيشن پاران سنڌ جي ناليوارن اديبن, شاعرن, محققن ۽ سماج سڌارڪن امداد حسيني, ڊاڪٽر حبيب الله صديقي, سيد شير علي شاهه ۽ حاجي محمد اشرف ميمڻ جي ياد تقريب منعقد ڪئي وئي. ايس ايف او جي مرڪزي آفيس ۾ ٿيندڙ هن پروگرام جي صدارت ناليواري تعليمدان ۽ اديب ادريس جتوئي ڪئي. جڏهن ته سيد زرباب حسين شاهه, ڪاظم رضا شاهه, شهاب الدين صديقي ۽ طارق اشرف ميمڻ خاص مهمان هو. هن پروگرام ۾ ايس ايف او جي اڳواڻن شفيع محمد چانڊيو, پروفيسر خليل پرهياڙ, نظام ڀاڳت, ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي, ايڊوڪيٽ سليمان ڏاهري, عبدالغفار جوڻيجو ۽ عاشق سولنگي وڇڙي ويل اديبن, شاعرن ۽ سماج سڌارڪن کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي, ان موقعي تي ممتاز ملاح, فقير جاويد, ماسٽر امين لاشاري ۽ انو سولنگي گيت چئي کين سرن ذريعي ڀيٽا ڏني, هن تقريب ۾ لطيف ملاح, عاشق چانڊيو, سليمان لاشاري, درياء خان پيرزادو, اي جي سمون, آغا ظفر ۽ پروفيسر منير کوکر آيل مهمانن کي اجرڪ پارايون. ان موقعي تي مقررن خطاب ڪندي چيو ته جن سڄڻن جون ساروڻيون ٿي رهيون آهن, اهي سنڌي ادب جا وڏا نالا آهن, سندن خدمتون هميشه ياد رهنديون. هنن چيو ته سندن ڪيل پورهيو نمايا آهي, هي اديب ۽ شاعر ڪلاسيڪل جديد ادب جا ڄاڻو هئا, سندن ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ رهنمائي ڪندا رهندا, اهي ادار ساز شخصيتون هيون, جن ڪيترائي ادارا ۽ ناليوارا اديب, شاعر ۽ محقق پيدا ڪيا. هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي, سنڌي ادبي بورڊ, سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ, سنڌلاجي ۽ سنڌي لينگوڇ اٿارٽي جهڙن علمي ادارن ۾ سندن خدمتون موجود آهن, اهي سنڌي ادب, سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي تاريخ سان محبت ڪندڙ تاريخي ڪردار هئا.
