حيدرآباد ۾ نامياري محقق محمد عثمان ميمڻ جي ورسي ملهائي وئي

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نامياري محقق، ڊراما نويس، آثار قديمه جي ماهر ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد عثمان ميمڻ جي پهرين ورسي جي تقريب محمد عثمان ميمڻ اڪيڊمي پاران، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي. ورسي تقريب جي صدارت ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ۽ ناليواري اديب تاج جويي چيو ته ”  عثمان ميمڻ سان واسطا ۽ رابطا پراڻا آهن، اسي واري ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگراهن تي ملندا هئاسين ۽ ويجهڙائپ رهي،دادو ۾ استاد بخاري ۽ عثمان صاحب سان رهاڻيون ٿينديون هيون. هن چيو ته عثمان صاحب 2008 ۾ اٿارٽي جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا اسڪيم جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ هن پنهنجو رت ست ڏئي ڪم ڪيو، 2015 تائين 10 جلد تيار ڪيا، عثمان صاحب گهڻ رخي شخص جو مالڪ هو ان جي ثبوت اسٽيج تي ويٺل مختلف فيلڊن جا سندس ساٿي موجود آهن جن جي ڳالهين مان اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته هو هر موضوع تي وڏي ڄاڻ رکندو هو . هن  چيو ته عثمان صاحب، حاڪم علي شاھ سان گڏ جن به موضوعن تي ڪتاب لکيا اهي مڪمل معلوماتي ۽ پي ايڇ ڊي ٿيسز برابر آهن،عثمان ميمڻ تنقيد برداشت ڪئي پر ڪڏهن ڪنهن جو جواب نه ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عثمان صاحب استاد بخاري جو ساٿي هو ۽ ان نسبت نسبت سان شاعري به بهترين ڪئي جيڪي هند ۽ سنڌ جي مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپي آهي، سندس شاعري ۾ رڌم جو سنگم موجود آهي. شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته ” عثمان ميمڻ صاحب جي فرزند  چار سئوڪتابن جو  ذخيرو يونيورسٽي جي حوالي ڪري انهن کي نئين ۽ ڪارائتي زندگي ڏني،اهي ڪتاب يونيورسٽي جي لائبريري ۾ رکي عثمان ميمڻ ڪارنر قائم ڪيو آهي، عثمان صاحب جي ذاتي لائبريري جا ٽي ھزار ڪتاب پڻ جلد ڪارنر جي زينت بنبا. هن چيو ته جنهن وٽ علم هجي ۽ ان ۾ جهڪاء نه هجي اهو ڪورو انسان آهي، ڇو ته علم نوڙت سيکاري ٿي،  اڄ عثمان صاحب تي ان ڪري فخر ڪريون ٿا ته هو پويان مال ملڪيت نه پر علم ڇڏي ويو جيڪو صدين تائين ياد رهندو. اهي علم ۽ ادب ئي آهن جيڪي انسان کي هميشه روشن رکندا آهن عثمان صاحب کي به علم ۽ ادب جي ڪري ئي ياد رکيو ويندو. عثمان ميمڻ جي گهر واري نجمه عثمان ميمڻ چيو ته ” عثمان صاحب جو وڇوڙو اسان لاءِ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هو پر سندس ڪيل ڪم اتساه ڏين ٿا اڄ هتي سندس ساٿين ۽ اهل قلم اديبن جا ويچار ٻڌي خوشي ٿي ته هُو هميشه ياد رهندو. هن چيو ته کيس موسيقي سان گهڻو پيار هو ۽ بانسري وڄائي پاڻ ڳائي ٻُڌائيندو هو، مون کي شاعري پڻ ٻڌائيندو هو،ان سان گڏ هو خيال رکندڙ جيون ساٿي ۽ شفيق والد پڻ هو، سندس خال نه ڀرجي سگهندو. ” ناليواري شاعر علي دوست عاجز چيو ته ” محمَّد عثمان ميمڻ جي جيتري گهڻ رخي شخصيت هئي پر کيس اها  پذيرائي نه ملي ان جو سبب هو ته هُو ڪڏهن به شهرت جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿيو، موسيقي سان کيس جيتري محبت هئي ۽ ايتري ان تي ڄاڻ به رکندو هو. هن چيو ته عثمان صاحب شاعري گهٽ ڪئي پر اها ڪمال جي , اها هن ذميواري سان ڪئي. “سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته “زندگي مختصر آهي اها گذاري ماڻهو ڇڏي هليو ويندو آهي پر سندس ڇڏيل ڪم ۽ ڪردار هميشه ياد رهندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں