دادو ۾ خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن جو سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو(رپورٽ: علي گوھر سومرو ) دادو ۾ خيرپورناٿن شاھ تعلقي جي ڳوٺن ٻوڙا لاکير، جان محمد سولنگي  جي رھواسين پاران ٻوڏ گذرڻ باوجود مالي سهائتا نه ٿيڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڊي سي دادو ۽ ضلعي اندر ڪم ڪندڙ اين جي اوز خلاف سخت نعري بازي ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي مظاهرين غلام شبير لاکير، جمن، اشفاق لاکير، نياز، اظھر حسين،محمد خان سولنگي،علي خان سولنگي، گلاب سولنگي ۽ ٻين دانھيو ته ڪي اين شاھ تعلقو برسات ۽ ٻوڏ سبب گهڻو متاثر ٿيو آهي،ان باوجود هن مهل تائين ضلعي انتظاميه يا ڪنهن به اين جي اوز اسان جي ڳوٺ ٻوڙا لاکير ۽ ڳوٺ جان محمد سولنگي لڙي نه آيا آهن، نه وري سروي ڪئي آھي، جنهن ڪري اسان گذريل 3 مهينن کان دربدر ۽ اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هن سياري جي سردي واري ٿڌ ۾ ٻچن سميت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھيون، جنهن ڪري اسان جا معصوم ٻچا، پيرسن،  عورتون توڙي مرد مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا فصل تباھ ٿي ويا ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، اسان جا آباد ويهڙا اڄ بربادي جا منظر ڏئي رهيا آهن، هزارين رهواسي اڄ به واهر جا منتظر آهن اسان جو ايم پي اي ۽ ايم اين اي مسلسل غائب آهن، ٻوڏ اينديئي ايم پي اي ڪي اين شاھ  ڊرامائي انداز ۾ بيمار ٿي پيو ۽ ايم اين اي مانگر مڇ وارا ڳوڙھا ڳاڙي  لکين آبادي واري تعلقي کان لاتعلقي ڪري ويا، هنن ڪمشنر حيدرآباد، ڊي سي دادو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان جي  ڳوٺن ۾ ٿيل نقصانن جو الزالو ڪري اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں