سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي ورثن جي پارت اٿئو

رحمت الله ٻرڙو
گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ۽ صوبائي وزير ثقافت سردار شاه جن موهن جي دڙي بابت ٿيل ڪانفرنس کي خطاب ڪنديسنڌ جي تاريخي ورثن ،آثار قديمه کان ويندي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت تي ڪافي ڪجه ڳالهايو آھي. سنڌ جي سياحت ۽ ثفاقت اسان کي سنڌ جي تاريخ کان واقف ڪري ٿي ته اسان جو ماضي سو سال ياسوين ئي نه پر هزارين سال ڪيئن هو ڪهڙين ڪهڙين شين کان واقف هو ان لاءِ اسان جا تاريخي ماڳ ان جي شاهدي ڏيندا. قومن جي تاريخ انهن جي رهڻي ڪهڻي انهن جي ارخ ماڻھن پرکي سگهجي ٿي جهڙيء ريت هن وقت ٿي رهيو آھي پوري دنيا ۾ .ماڻھون تاريخ ناهي ٿيندو تاريخ ماڻھون جو ڪم يا ڪردار هوندي آھي جنهن جو مثال ڏئي چيو ويندو آھي ته اسان جي هن ماڻھو، قوم ۽ خطي جي عوام جو هي ڪارنامو پڻ هو جيڪو تاريخ جو حصو آھي ۽ اهو ڪم ڪرت ۽ ڪردار تاريخ ۽ ثقافت لاءِ اهڃاڻ طور ياد رکيو ويندو آھي. مثال طور موهن جو دڙو ۽ اتي جا لڀندڙ اوزار ۽ ايجادون تاريخ جو اهڃاڻ طور سامهون آھن ته اسان جي قوم پنج هزار سال پراڻي تاريخ ۾ ڪيتري نه مھذب هئي جيڪا اسان جي تهذيبي سڃاڻپ پڻ آھي. اروڙ جو قلعو ۽ اتي جي تاريخ ۽ تاريخي ماڻھن جي اٿڻي ويهڻي اسان جي تاريخ جا نشان آھن ۽ اهي نشان اهڃاڻ طور آثار قديمه ۽ ثقافت جو حصو بڻجي ويا آھن. دنيا جو قومون جيئن پنهنجي تاريخي ورثن ۽ ماڳن توڙي ثقافت تي فخر ڪنديون آھن ايئن اسان جي قوم به پنهنجي پنج هزار سال تهذيب ۽ تاريخ اٿڻي ويهڻي ۽ ثقافتي رنگن تي فخرسان ٿي چئي ته اسان هن ڌرتي تي پنهنجي تريخ رکون ٿا. بهرحال مٿين ڳالهين کي سامهون رکي اسان پنهنجي ماضيءَ جي حڪمران دورن تي نذر ڦيرائيندي لکون ٿا ته جيترو ۽ جوڳو جيڪو ڪم تاريخي ماڳن تي ٿيڻ کپي ها اهو ناهي ٿي سگهيو.!! ماضي ۾ اسان جي سياحت ثقافت ۽ اوقاف جون وزارتي قلمدان اڪثر ڪري غير روايتي هٿن ۽ ڌارين جي اختيار هيٺ رهيا آھن! ۽ ان کان علاوه سياحت ۽ ثقافت تي جيڪا سالياني بجيٽ هجڻ کپي ها اها به جوڳي بجيٽ ڪونه رکي وئي آھي !!ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي تايخ، سياحت ثقافت ۽ اوقاف جون وزارتون ڌارين جي هٿ وس اختيار ۾ رهيون آھن ۽ ٻيو ته مناسب بجيٽ نه هجڻ ڪري اهو جوڳو ڪم نه سگهيو جيڪو وقت سر ٿيڻ کپي ها!! اڄ هن تيزي سان تبديلي ٿيندڙ موسمياتي ماحول ۾ انهن تاريخي ماڳن کي محفوظ رکڻ ڏکيو پڻ ٿي پيو آھي!! بهرحال ڏکيو ضرور آھي پر مشڪل يا ناممڪن پڻ ڪونهي. اسان وٽ اڪثر مثال ڏنو ويندو آھي ته ثقافت کاتي ۾ ثقافت جي واڌ ويجھ بابت ڪاموري عبدالحميد آخوند وڏو ڪم ڪيو آھي! پر جڏهن خود آخوند صاحب يا سندس ثناخواني ڪندڙن کان پڇيو ويندو ته هنن وٽ سواءِ راڳ رنگ ۽ ڪلاڪاري واري ڪم جي ٻيو تاريخي ماڳن، ثقافتي ۽ سياسحتي سائيٽ بابت جواب نه ۾ ملندو! بلڪل سندس دور ۾ نالو هو پرجي سراسري يا سرسي سان جائزو سندس وقت جو وٺبو ته ڪم جيڪو ٿيڻ کپي ها سو سامهن ڪونه ملندو ايتري تائين جو اڃا تائين سنڌ انڊومنٽ فنڊ ۾ ڪم سندس ٽيم ڪري رهي آھي سواءِ ڪراچي حيدرآباد جي هڪ اڌ ڪم جي سندس ماتحت موهن لعل جهڙا انجنيئر هٿ ٺوڪين پنهنجي ماڻھن جي ڪمپنين جي نالن تي ڪم کڻائي پاڻ ڪم ڏهاڙيءَ تي ڪرائن ٿا ۽ اتي لوڪل مزدورن جون مزدوريون يعني ڏهاڙيون به هڙپ ڪري هليا ويا! مثال طور اروڙ قلعي ڀرسان ڏهاڳڻ سهاڳڻ جي مقبرن مٿان ٿيل ناڪاره نالي ماتر ڪم، اروڙ قلعي تي تاريخي مسجد محمد بن قاسم مسجد جي ديوار جون درزون ڀرڻ کان ويندي روهڙي شهر ۾ سول ڪورٽ پويان درياھ ڪنڌي تي ستين جي آسان تي قبرن مٿان ٿيل ڪم ۾ جيڪا بديانتي ٿي ۽ اتي موهن لعل انجنيئر بجاءِ ڪمپني جي عملي جي لوڪل مزدورن کان ڪم ڪرايو ۽ اهو ڪنهن مهارت واري مستري اوستي يا انجنيئر جي ماتحتي ۾ ٿيڻ بجاءِ تغاري کڻندڙ مزدورن کان پڻ ڪرايو ويو جن کي به جوڳي مزدوري طئي به نه ٿي ۽ اها به اڃا تائين رهيل آھي! خير اسان سمجهون ٿا ته هن گذريل ڏهاڪي کان مٿي سالن تي محيط موجوده پ پ پ حڪومت جي دور حڪومت ۾ ميڊم شرميلا فاروقي ۽ سردار شاهه جي وزارت هيٺ سول آفيسر روشن علي ڪناسرو ۽ سندس ٽيم جي دور ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن جي حفاظت، سياحتي سائيٽس کي ترقي وٺرائڻ کان ويندي ثقافتي ماڳن ۽ پروگرامن بابت ٿيل ڪاوشون ۽ ڪم ڪافي متاثر ڪن ۽ تعريف لائق هو پر سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت دشمن اردو ميڊيا ۽ ثقافت دشمن فيڪٽرز اچي واويلا مچائي جو هو وڃي آخر گهر ڀيڙو ۽ جيل ياترا تي هليو ويو. اسان ڪجهه سال اڳ به جڏهن سنڌ حڪومت ترقياتي بجيٽن ۾ گهٽتائي ڪئي هئي ته اسان پنهنجن هنن ئي مضمونن ۾ راءِ رکي هئي ته قومن سياحت ۽ ثقافت تاريخ هونديون آھن ان حوالي سان سياحت ثقافت جي بجيٽ گهٽائڻ تاريخ سان کيڏڻ برابر هوندو. هجڻ ته ايئن کپي ته سياحت ثقافت ۽ تاريخ تي ڪم ڪرڻ لاءِ بجيٽ وڌائڻ کپي جي نه ته گهٽ ۾ گهٽ گهٽايو ته نه…؟ هن وقت به وڏي وزير ۽ وزير ثقافت جي مٿين ڳالهين کانپوءِ اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت يا وزارت براءِ سياحت ثقافت ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ته ساڳئي نموني يا ته اڳوڻي آفيسر روشن ڪناسرو ۽ سندس ٽيم کي اڳتي وٺي اچي يا وري اهڙي ڪنهن ٻئي مناسب ڪاموري کي هتي رکي سنڌ جي سياحتي ماڳن ۽ ثقافتي ڪمن ۽ ماڳن تي ڪم ڪرڻ کپي. ماڻھو هليو ويندو پرسندس جو ڪم ڪرت ۽ بهتر ڪردار ثقافت جو حصو ٿي ويندو ۽ تاريخ ۾ ثقافتون مرنديون ناهن ۽ زنده هنديون آھن باقي قوم دشمن، ڌرتي دشمن ۽ ثقافت دشمن ته اهو چاهيندو ته اهڙا ڪردار ۽ ماڳ مند پيل هجن ته جيئن هن قوم يا ڌرتي جي سڃاڻپ نه رهي. اسان سمجهون ٿا ته موجوده وڏو وزير ۽ سياحت ثقافت بابت وزير ان ڳالھ کي بهتر سمجهن ٿا .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں