سنڌ حڪومت ۽ يو ايس ايڊ طرفان ٻوڏ متاثر هارين جي مدد لاءِ ’گرين پارٽنرشپ‘ منصوبي تي اتفاق

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ يو ايس ايڊ/پاڪستان مشن جي ڊائريڪٽر مسٽر ريڊ ايسچليمن ٻوڏ متاثر هارين لاءِ ”گرين ڪوآپريشن“ پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گهرن ۽ اسڪولن جي عمارتن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ صحت جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سي اي او پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ خالد شيخ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير دوري تي آيل يو ايس ايڊ پاڪستان جي ڊائريڪٽر کي ٻڌايو ته غير معمولي ۽ ٻوڏ ۽ برساتن سبب 800 ماڻهو اجل جو شڪار، 8422 زخمي، 2044844 گهر تباهه، 436435 ڍور فوت، 3777272 ايڪڙ تيار فصل تباهه، 19808 اسڪولن جون بلڊنگون ۽ 1045 صحت جي مرڪزن ۽ 95 ارب رپيا آبپاشي جي نظام جو نقصان ٿيو آهي.  مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ٽوٽل مالي گهرج 1688 ارب رپيا (7.860 ارب ڊالر) آهي جيڪا لڳ ڀڳ 48.30 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صوبائي ڪاٿي کي گهٽايو وڃي (رڳو صوبي جي خاص گهرجن کي نظر ۾ رکندي) ته سنڌ جي مالي ضرورت ٽوٽل ڪاٿو 67.60 سيڪڙو بڻجي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هيستائين ڊونرن ذريعي اٽڪل 397.56 ارب رپين جي مالي امداد ملي آهي جنهن کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 1308.44 ارب رپين جو مالي خال آهي. هن وڌيڪ چيو ته خراب معاشي حالتن ۾ مٿي ڄاڻايل خال کي صوبائي وسيلن سان پورو نٿو ڪري سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں