سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو هڪ نئون سفر

ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر
سنڌ زرعي يونيورسٽي جو قيام پاڪستان کان به پهريان جو آهي. سنڌ جيڪا سنڌو درياھ جي ڪري مشهور آهي، ان سنڌو درياھ تي 1932ع ۾ جڏهن سکر بئراج جو بنياد رکيو ويو ته زرعي تحقيق جي اداري جي ضرورت محسوس ٿي ۽ 40_1939 ۾ سڪرنڊ ۾ ڪنگ جارج جي نالي سان زرعي اداري جو بنياد رکيو ويو. 1955ع ۾ جڏهن ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ته ان اداري کي ترقي ڏئي ڪري زرعي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ۽ ٽنڊوڄام جي سرسبز علائقي ۾ منتقل ڪيو ويو جنهن کي بعد ۾ پهرين مارچ 1977 ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو درجو ڏنو ويو. پاڪستان جي ٻيو نمبر ۽ سنڌ جي پهريون نمبر وڏي ۾ وڏي زرعي يونيورسٽي ۾ تقريبن 5000 شاگرد زراعت، وٽرنري سائنس، انجنيئرنگ، سوشل سائنس ۽ آء ٽي بابت تعليم ۽ ريسرچ ڪري رهياآهن. هن يونيورسٽي کي سنڌ جا البيلا شاگرد جنت السنڌ ورسٽي به سڏيندا آهن. يونيورسٽي جو هڪ ڪيمپس عمرڪوٽ ۾ ٻه ڪاليج ڏوڪري ۽ خيرپور ۾ زراعت ۽ ٽيڪنالاجي بابت تعليم ڏئي رهيا آهن. زرعي يونيورسٽي ۾ پنج فيڪلٽيون آهن انهن ۾ فيڪلٽي آف اينيمل هسبينڊري اينڊ وٽرنري سائنس آهي جيڪا ڊاڪٽر آف وٽرنري ميڊيسن جي ڊگري آڇي ٿي جنهن ۾ چوپايو مال، پالتو جانور، پکين ۽ پولٽري بابت تعليم ڏني ويندي آهي. فيڪلٽي آف ڪراپ پراڊڪشن، جنهن ۾ فصلن جي ٻج ۽ پيداوار، زمين جي چڪاس ۽ باغن جي پيداوار وڌائڻ ۽ جديد پوکي لاءِ سکيا ڏني ويندي آهي. فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن، جنهن ۾ فصلن ۽ ميون جي حفاظت بابت تعليم ڏني ويندي آهي. فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ جيڪا PEC کان رجسٽرڊ آهي جنهن ۾ زراعت سان متعلق انجنيئرنگ جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي. فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل سوشل سائنس ۾ زراعت بابت سوشل اشوز جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر ۾ آءِ ٽي ۽ انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيز ۾ فوڊ سائنس بابت سکيا ڏني ويندي آهي.
نوان پروگرام: موجوده وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اٺ نوان پروگرام متعارف ڪرايا آهن جنهن جي مارڪيٽ ۾ گهڻي ضرورت آهي. نوان پروگرام ۾ ڪمپيوٽر سائنس، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، انگلش، فشريز، ڊيري ٽيڪنالاجي، پولٽري سائنس، انوائريمينٽل سائنس ۽ اينگرو انڊسٽريل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي آهن.
سهولتون: زرعي يونيورسٽي مڪمل طور سمارٽ يونيورسٽي آهي جنهن ۾ مفت انٽرنيٽ جي سهولت آهي، غريب شاگردن لاءِ اسڪالرشپس ۽ رهائش لاءِ هاسٽل جو بندوبست آهي، ڪرڪيٽ، هاڪي ۽ فوٽ بال لاءِ وڏا گرائونڊ آهن ۽ انڊور راندين لاء پڻ جيمخانه جي سهولت موجود آهي ۽ جديد ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي سان ليبارٽريز موجود آهن. موجوده انتظاميه جتي شاگردن کي بهترين تعليم ۽ ماحول مهيا ڪيو آهي اتي شاگردن لاءِ ايڪسٽرا ڪريڪيولر سرگرمين لاءِ STEP جي ماتحت مختلف سوسائٽيز رجسٽرڊ ڪيون آهن. شاگرد انهن سوسائٽيز جي پليٽ فارم تان مختلگ ورڪشاپ، سيمينار، تقريري ۽ چٽاڀيٽي جا مقابلا ڪرائيندا آهن. يونيورسٽي انتظاميه اڪيڊمڪ ڪيلينڊر شايع ڪندي آهي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪندي آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جيڪا اڳ ۾ زرعي تعليم لاءِ مشهور هوندي هئي اتي موجوده انتظاميه 8 نون شعبن ۾ داخلا جو اعلان ڪيو آهي. ان ڪري سنڌ جو نوجوان اعلا تعليم لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جو پڻ انتخاب ڪن جتي قابل ۽ ذهين استاد شاگردن کي معياري تعليم ۽ سکيا جا موقعا ڏئي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں