لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راولپنڊي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جي مشاورتي اجلاس ۾ پهرين مرحلي ۾ پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ويندي، پي ٽي آءِ ميمبر ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿي استعيفيٰ ڏيندا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي چونڊ مهم ۾ تبديل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو آهي، معاشي ۽ سياسي بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو جلد شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ کان پهريان ڪڏهن ملڪ ۾ ايتريون خراب معاشي حالتون نه هيون، قوم کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. لاهور ۾ عمران خان معاشي ٽيم جي هنگامي اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران چيو ته عدليا جو هڪ اهم ڪردار آهي ان کي پنهنجي ملڪي صورتحال تي ڌيان ڏيڻ کپي، ملڪ تيزي سان هيٺ وڃي رهيو آهي جنهن جو اثر سمورن ادارن تي پوندو. عمران خان چيو ته ملڪ جا ادارا فوج ۽ عدليا سوچي تي اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن حالتون نه سنڀاليون ويون ته وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، اڄ رڳو قوم نه ادارن کي به مخاطب آهيان سڄي قوم کي خبر هجڻ خبر کپي ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون، مون کي حيرت آهي ته واپاري برادري ڇو آواز نه پئي اُٿاري واپاري ۽ صنعتڪار ڇو چُپ آهن.
