لاڙڪاڻي ۾ هلندڙ ڪلاس دوران اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪري پيا

لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي رائيس ڪئنال جي ڪڙ ميروخان چوڪ سومرا محلا ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سومرا محلا جي ڇت زبون حال ٿيڻ سبب هلندڙ ڪلاس دوران ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن ڪري شاگردن ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو جيڪي معجزاڻي طور محفوظ رهيا. اهڙي واقعي کان پوءِ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته اسان جي اسڪول ۾ اٽڪل 350 کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائيندڙ آهن، تازو برساتن سبب اسڪول جي عمارت جي ڇت زبون حال ٿيڻ تي اسڪول جي هيڊ ماستر طرفان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي انجنيئر کي ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ درخواستون ڏنيون جنهن کان پوءِ انجنيئرنگ اچي ماپ ڪري اسڪول جي عمارت جي مرمت جي خاطري ڪرائي پر هن وقت مرمتي ڪم شروع ناهي ٿيو جن جي لاپروهي سبب اڄ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم، ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسڪول جي عمارت جو مرمت ڪم ڪرائي شاگردن جي زندگين کي محفوظ بڻائي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙو واقعو پيش نه اچي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں