لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو طرفان 6 ڏينهن وارو ٻيو لا بوڪ فيسٽيول شروع ٿي ويو آهي. بوڪ فيسٽيول جو افتتاح ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو سيد شرف الدين شاهه، فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو امير الدين، ٿرڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو نياز حسين سومرو، سينيئر وڪيل عبدالرزاق سومرو، بار جي صدر ۽ سينيئر وڪيل صفدر علي غوري، جنرل سيڪريٽري امان الله لهر، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار هليو، لائبريري سيڪريٽري امتياز علي جتوئي، قدير ڊومڪي ۽ ٻين گڏجي ڪيو. بوڪ فيسٽيول ۾ آئين پاڪستان، ڪرمنل لا، سول لا، سميت فلاسافي، نفسيات، ادب، تاريخ ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب 35 کان 50 سيڪڙو رعايتي اگهه تي وڪري لاءِ رکيا ويا آهن. افتتاح بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٻين سينيئر وڪيلن سان گڏجي بوڪ فيسٽيول جو دورو ڪري لڳايل ڪتاب ميلي تي بار ايسوسيئيشن جي صدر ۽ ٻين عهديدارن جي ساراهه ڪندي ڪتابن جي خريداري ڪئي. بوڪ فيسٽيول ۾ شهيد بينظير ڀٽو لا ڪاليج، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو، گرلس ڊگري ڪاليج جي شاگردياڻين سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي پسند جي موضوع جا ڪتاب خريد ڪيا. ان موقعي تي بار جي صدر ايڊوڪيٽ صفدر علي غوري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي سميت آئي فون ۽ اينڊرائيڊ موبائيلن جي ڪري اسان وٽ ڪتاب پڙهڻ جو رجعان گهٽجي ويو آهي عام ماڻهن وانگر وڪيل ڀائر به موبائيل جي ذريعي آگاهي حاصل ڪندا آهن پر کين گهرجي ته هو تصديق ٿيل ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته بوڪ فيسٽيول ۾ وڪيلن سان گڏ شاگرد ۽ شاگردياڻين ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ان ڳالھه جي ثبوت آهي ته اسان جا نوجوان ڪتابن سان چاهه رکن ٿا جنهن سلسلي اڳتي به جاري رکيو ويندو.
