ٿاڻو بولا خان (ن س)صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آھي ته اقليتي معاملن وارو کاتو اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي ياترين کي سھولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهيو آهي۔اھڙن خيالن جو اظھار ھن درگاھ پير ملو غازي ڀال جي چو ديواري سي سي بلاڪ جي اسڪيمن جو افتتاح ڪرڻ کانپوء صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو .ھن چيو ته درگاھ پير ملو غازي تي چار ديواري ۽ پيور سي سي بلاڪ واريون اسڪيمون مڪمل ٿيڻ سان ھتي ايندڙ زائرين کي مذهبي رسومات ادا ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن چيو ته منارٽي افيئرز کاتي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، هي سلسلو تيزيءَ سان جاري آهي، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن 165 نيون اسڪيمن جي سنڌ نان مسلم ويلفيئر ڪميٽي جي اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي آهي. جنهن ۾ مندرن، گرجا گهرن ، شمان گھاٽ ۽ اقليتي برادري جي ٻين عبادت گاهن جون اسڪيمون شامل آهن گيسنچند ايسراڻي وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته کاتي جي انجنيئرنگ ونگ کي سخت هدايت ڪئي آهي ته ھلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين وڌ کان وڌ اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن ۽ نئين اسڪيمن جي ٽينڊرنگ جو عمل جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن انھن تي ڪم جي شروعات ڪئي وڃي گيانچند ايسراڻي اھو پڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ھر دور ۾ اقليتي برادري کي هميشه اهميت ڏني وئي آهي ۽ اقليتي برادري جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کنيا ويا آهن جن ۾ سندن عبادتگاهن جي مرمت به شامل آهي.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتي برادري جو خاص خيال رکڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي
