ميهڙ(رپورٽ:عابد علي جوڳرو) ميهڙ ۾ ھڪ هفتو اڳ ڦر دؤران مزاحمت ڪرڻ تي بيگناھ قتل ٿيل بئنڪ ملازم سعيد احمد شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ميهڙ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويئي آهي جنهن سبب ريشم گلي، شاهي بازار، صرافه بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، سبزي منڊي، اناج منڊي، سميت شھر جا سمورا ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، ٻئي طرف شھري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر علي انور شيخ، سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ عبدالحميد سومرو، ميهڙ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊووڪيٽ منصور احمد چانڊيو، سنڌ يونائيٽيڊ اڳواڻ سڪندر سوڍر، عوامي جمهوري پارٽي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سعيد احمد پنهور، ميهڙ شھري اتحاد جي صدر عبدالستار چنه، ميهڙ سٽيزن فورم جي اڳواڻ بابو سومرو، ميهڙ فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذوالفقار کوکر، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين پاران تعلقا اسپتال ميھڙ جي گيٽ کان شھر کي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ کان پوء شھر جي مک چوڪ گهنٽا گهر تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميهڙ شھر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب بڻجي چڪي آهي چوريون ڦرون ڌاڙا ۽ بيگناھ ماڻھن جي قتل عام ڪرڻ وارا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن جڏهن ته پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاء کين ڇوٽ ڏني ويئي آھي هنن وڌيڪ چيو ته هڪ ھفتو اڳ ميھڙ وچ شھر مان بيدردي سان ڦورن هٿان مزاحمت ڪرڻ تي قتل ٿيل بئنڪ ملازم سعيد احمد شيخ جي قاتل پوليس پاران اڃا تائين گرفتار نه ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آھي جنهن سان انتظاميا جي پت وائکي ٿي چڪي آھي هنن مطالبو ڪيو ته ڦورن هٿان بيگناھ قتل ٿي ويل بئنڪ ملازم سعيد احمد شيخ جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪري شھر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
