نوابشاهه(ڊ ر) سينيئر صحافي اي پي اين ايس ايوارڊ يافته ۽ مشھور ھاري اڳواڻ ڪامريڊ صالح بلو جي پھرين ورسي نواب شاهه پريس ڪلب ۾ الھدہ ٽرسٽ ۽ گريجوئيٽ ايسوسي پاران ملھائي وئي، ورسي جي تقريب صالح بلو جي سياسي صحافتي دوستن کان علاوه شھر جي ڪاروباري تنظيمن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي کاٻي ڌر جي سينئر دانشور اديب ۽ شاعر ادريس جتوئي، تاريخدان ۽ محقق محمد صديق منگيو، نواب شاهه پريس ڪلب جي صدر مشرف علي ڀٽي، نواب شاهه پريس ڪلب جي سابق صدر بخش علي جمالي، نواب شاهه پريس ڪلب جي سينئر نائب صدر اسماعيل ڊومڪي، اڳوڻي شاگرد اڳواڻ غلام مصطفيٰ ڪورائي، ھاري اڳواڻ پير شھاب الدين، فياض چنڊ ڪليري، اياز ڏاھري، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، مشتاق پيرزادو، بختيار چنه ۽ ٻين خطاب ڪندي صالح بلو جي صحافتي ۽ سياسي توڙي سماجي خدمتن ۽ ڪردار کي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته صالح بلو آمريتي دور ۾ صحافتي آزادي لاءِ صحافين جي ھلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو جنھن جي پاداش ۾ کيس جيل برداشت ڪرڻو پيو، ان کان علاوه 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتاري پيش ڪئي، مارشلا ڪورٽ پاران کيس ۽ ساٿي ڪامريڊ مراد چانڊيو کي ھڪ ھڪ سال قيد ۽ 10-10 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، ھنن چيو ته صالح بلو ھڪ متحرڪ ڪردار ھيو ھن قلم جي علم کي بلند رکيو ۽ ڪڏھن به درٻاري صحافت نه ڪئي ۽ ھميشه ھڪ ۽ سچ واري صحافت ڪندو رھيو ۽ ڪڏھن به اصولن تي دوستيبازي نه ڪئي. تقريب ۾ ڪامريڊ صالح بلو جي ڀاءُ نبي بخش بلوچ، طاهر بلوچ ۽ شفيق بلوچ شرڪت ڪئي.
