نوشهروفيروز( ڊ ر) مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي جي مختلف ڳوٺن صابن شاهه،جلال ٽڳڙ،شادي خان جهنڊير،ڪرڙ ڀٽي جي رهواسين خان محمد،جاڳڻ،ڪريم بخش،محمد سليمان،سلطان،رحيم بخش، وزير،محمد قاسم،منٺارعلي،محمد صديق ،زاهد علي ۽ ٻين مٺياڻي نوشهروفيروز روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ دانهيندي چيو آهي ته گزريل ڪجهه سالن کان جئين مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي جڙي آهي .ان وقت کان وٺي هن وقت تائين اسان جي ڳوٺن ۾ ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي پاران هڪ رپئي جو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو ۽ اسان پاران بار بار اڳوڻي ٽائون چيئرمين ۽ هاڻي مقرر ايڊمنسٽر کي درخواستون ڏنيون ويون ان باوجود اسان جي ڳوٺن ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو ۽ سمورن ڳوٺن جي ڊرينج سسٽم مڪمل ناڪار ۽ نه هجڻ ڪري ڳوٺن اندر گندگي جا ڌير پيل آهن ۽ تازو نيب سکر مٺياڻي ٽائون ڪاميٽي اندر ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ جي لاءِ سمورو رڪارڊ کڻي وئي آهي. ان جي ڪري اسان مختلف ڳوٺن جا رهواسي نيب سکر جي انچارج کان مطالبو ٿا ڪيون ته تازو ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي ۾ ٽي ايم او مقرر ٿي آيل خير محمد مستوئي کي گرفتار ڪري ان جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ڇو ته ٽائوڪاميٽي مٺياڻي اندر لاڳيتو ڪافي سالن تائين خير محمد مستوئي اڪائونٽ برانچ جو انچاج رهيو آهي جنهن کي ڪيترا دفعا ڪرپشن جي الزام تحت هٽايو ويو آهي. ۽ هاڻي وري کيس ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جو ٽي ايم او مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا اسان ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي ۾ ايندڙن ڳوٺن جي رهواسين سان زيادتي آهي اهڙي عمل خلاف خاموش نه ويهنداسين ۽ مسلسل احتجاج ڪندارهنداسين.
