هوسڙي ڀرسان ڪليري برادري جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

هوسڙي (ن س) هوسڙي ويجهو جھڻ موري ۾ سيد زبير شاھ، سيد شاھد شاھ، انور ڪليري، روشن ڪليري ۽ پرويز ڪليري جي اڳواڻي ۾ سڪندر ڪوري شعبن ڪوري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بند ڪيو ويو آھي. مظاهرين جو چوڻ آھي ته 6 مھينا پهرين اسان جي ڇوڪري نالي رخسانا ڪليري جيڪا سڪندر ڪوري وارن جي گھر آئي جڏهن کان لا پتا آھي اسان ٽنڊو جام ۽ پٻڻ ٿاڻي تي جوابدارن خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي پر 6 مھينا گذرڻ جي باوجود اڃان تائين اسان جي ڇوڪري جو ڪو به پتو ناھي پيو ۽ نه ئي پوليس جوابدارن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي آھي تنهن کان پوئي ساڳين جوابدارن اسان جي مسجدن مان بيٽريون ۽ موبائيل چوري ڪري جن جو اسان کان ڀنگ وٺي واپس ڪيا آھن اسان وٽ سندس جا ثبوت موجود آھن جوابدار ايترا ته با اثر آھن جو پوليس به انهن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري. مطالبو ڪيو آھي جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي جنهن کان پوئي پٻڻ شريف پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ٻوليون ڪري جوابدار گرفتار ڪري انصاف جي يقين دھاني ڪرائي احتجاج ختم ڪرائي روڊ کولريو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں