اسلام آباد (بيورو) پنجاب، ڪي پي، گلگت ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن اسلام آباد جو گهيراءُ ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، ڪي پي ۽ گلگت جي وڏن وزيرن ۽ پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي ناڻي وارن وزيرن پاران اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. گلگت جي وڏي وزير خالد خورشيد خان چيو ته صوبي ۾ اٽو ۽ ٻيون شيون ختم ٿي ويون آهن، وفاقي سرڪار حصي جا پئسا نه پئي ڏئي، سڄي صوبي ۾ هڙتال ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين. خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان چيو ته وفاق صحت ڪارڊ ۽ فاٽا جا پئسا نه پيو ڏئي، وفاقي سرڪار صوبي جا حق نه ڏنا ته اسلام آباد ۾ وڏو ڌرڻو هڻنداسين. پنجاب جي ناڻي واري وزير محسن لغاري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ رڳو سنڌ ۽ بلوچستان کي فنڊ ڏنا ويا، پنجاب ۽ ڪي پي کي نظر انداز ڪيو ويو، ڇا ٻوڏ رڳو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آئي هئي. آزاد ڪشمير جي ناڻي واري وزير عبدالماجد چيو ته وفاق جي چوڻ تي اسان بجيٽ پيش ڪئي، هاڻي وفاقي سرڪار آزاد ڪشمير کي گرانٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، وفاق کي صوبن جو جائز حصو هر صورت ۾ ڏيڻو پوندو.
