ڪوٽڙي(رپورٽ: وقار هيسباڻي)ڄامشورو ۾ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر طرفان سنڌ جي نامياري عوامي شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 6 ڏينهن وارو استاد بخاري ڪٺ شروع ٿي ويو آهي.ڪٺ جي الله توھار ناليوارو فنڪار استاد منظور سخيراڻي ۽ اياز سمون استاد بخاري جي شاعري سان ڪئي. ڇھ ڏينھن ڏاھپ جي تٿ جي شروعات فڪري ويهڪ تن من ۾ ڪاتاڻ، ڪنھنجي ڪاڻ جي موضوع سان ٿي، جنهن جي صدارت استاد بخاري جي موڀي پٽ ڊاڪٽر الطاف شاھ ڪئي، جنهن جا مهمان پروفيسر انعام ڀٽي، استاد بخاري جي شاعري کي آواز جو روپ ڏيندڙ فنڪار منظور سخيراڻي، ناليوارو صحافي گلڻ ڀنڊ هئا ويهڪ جي ڪارروائي ساگر انور ڪاندڙو هلائي، فڪري ويهڪ ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر الطاف بخاري ڳالهائيندي ته استاد بخاري مٿئين نه پر هيٺين طبقي جو شاعر هو، کيس هر وقت، زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين غريب ماڻهن جو الڪو هو، عوامي شاعر هجڻ ڪري کيس اڄ ئي اصل مڃتا ملي اهي، جنهن تي آئون هن عوامي يونيورسٽي جي عوامي انتظاميا خاص ڪري ڊاڪٽر عبدالفتاح دائود پوٽو ۽ سندس ٽيم جا ٿورائتا آهيون. هن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته استاد بخاري جي شاعري ۽ موسيقي تي سرڪاري سطح تي ڪم ڪيو وڃي. پروفيسر انعام ڀٽي ڳالهائيندي چيو ته استاد بخاري جو هر لفظ هر اکر عوام جي زبان آهي، ڏکين حالتن ۾ استاد بخاري پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ سوچيو ۽ لوچيو، پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي بقا واري جنگ وڙهندي جهر جهنگ جاڳيا، مارشل لا جي دور جشن لطيف جي نالي تي عوام کي گڏ ڪيو. ناليواري فنڪار استاد منظور سخيراني ڳالهائيندي چيو ته استاد بخاري جو سنڌ سان، سنڌي ٻوليءَ توڙي سنڌي موسيقيءَ سان لڳاءُ هو، اهوئي سبب آهي جو پنهنجي شاعريءَ جي گھڻي ڀاڱي پاڻ ترتيب ڏني، منهنجو محسن هو، هن پروگرام سان عوامي هجڻ جو چٽو ثبوت مليو آهي، انور ساگر ڪانڌڙي ڳالهائيندي چيو ته استاد بخاري دادو جي سڃاڻپ هو، کيس حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن، وڻن، مال متاع، پنهنجي وستين واهڻن جي ڳالهه ڪئي. سندس شاعري اسان لاءِ رهنما آهي، ان قومي ذخيري کي سنڌ سرڪار محفوظ بڻائي. صحافي گلڻ ڀنڊ ڳالهائيندي چيو ته استاد بخاري سوچ ويچار وارو ماڻهو هو، سندس شاعري ۾ ڪيتريون اڳڪٿيون ڪيل هو جيڪي اڄ سچ ثابت ٿي رهيون آهن، سنڌ موجوده ٻوڏ واري صورتحال سبب استاد بخاري جي سالگرهه ملهائي نه سگهياسين، ان ڪري سنڌ حڪومت دادو ۾ استاد بخاري جو سرڪاري سطح تي ميلو لڳرائي. پروگرام جي آجياڻو ڏيندي يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچرل جي چانسلر ڊاڪٽر عبدالفتاح دائود پوٽي چيو ته اسان جي يونيورسٽي عوامي آهي ان ڪري عوام جي ڳالهه ڪري ٿي، عوام جي ثقافت، عوام جي بولي، اديب، رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت کي نمايان ڪري ٿي اهوئي سبب آهي جو يونيورسٽي طرفان عوامي شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 6 ڏينهن جو ڪٺ ڪوٺايو آهي، جنهن ۾ فڪري ويهڪن سان گڏ عوام جي تفريح لاءِ سر ۽ ساز کي شامل ڪيو اهي. تقريب ۾ هانڍي ۾ منظور سخيراڻي، اياز سمون استاد بخاري جي قومي سرن جي ورکا ڪري خوب داد حاصل ڪيو ۽ شريڪ ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو.
