ڪنري (ن س) ڪنري لڳ ڳوٺ ڀڏو ڪپري جي رھواسين بجلي جي بندش سبب واپڊا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻن عطا ڪپري، عمردين ڪپري، عبدالمطلب، نند لال لوھار، وڪرم ڀيل ۽ ٻين دانھيندي چيو ته بجلي جا بل پيارڻ باوجود واپڊا وارا اسان جي ڳوٺ جي بجلي بند ڪري ڇڏي آھي، گذريل ھڪ ھفتي کان بجلي بند آھي. بلن جي ادائيگي باوجود لائٽ ڪٽڻ ڪٿي جو قانون آھي، دانھون ڪرڻ باوجود ڪير نٿو ٻڌي. ھنن چيو ته واڌو بل اماڻيا وڃن ٿا، ساڳي ڳوٺ ۾ ٻيو ٽرانسفارمر 20 ڏينھن کان سڙيل آھي، سوين ڳوٺن جي آبادي بجلي کان محروم آھي. ھنن گھر ڪئي ته نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
