ملتان ( م ڊ ) انگلينڊ پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 26 رنسن تان هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. انگلش ٽيم جي 355 رنسن جي ٽارگيت جي جواب ۾ قومي ٽيم 328 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان طرفان سعود شڪيل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 94 رنسن جي اننگز کيڏي. انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ پاڪستان جي چئن رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو. ميزبان ٽيم جي سعودي شڪيل ۽ فهيم اشرف ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي چوٿين ڏينهن راند جي شروعات 198 رنسون چئن رانديگر سان ڪئي. چوٿين ڏينهن پهريون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر فهيم اشرف هيو جيڪو رڳو ڏهه رنسون ٺاهي جو روٽ جو شڪار بڻيو. ٻئي اينڊ تي سعود شڪيل بيٽنگ ڪندو رهيو جنهن رنسون ٺاهڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ آل رائونڊر محمد نواز سان گڏجي هڪ سٺي ڀائيواري قائم ڪري قومي ٽيم کي ڪاميابي جي ويجهو وٺي آيو پر محمد نواز 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ چار رانديگرن وڪيٽون حاصل ڪيون، اولي رابنسن ۽ جيمز اينڊرسن ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جيڪ ليچ ۽ جو روٽ هڪ ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، ٻي اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي هيري بروڪ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
