اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان 20 ڊسمبر کان اڳ ڪبو: عمران خان

لاهور (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي معاملي تي(ق) ليگ ۽ پي ٽي آءِ هڪ پيج تي آهن. 20 ڊسمبر کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪنداسين. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ساهيوال، سرگودها ڊويزن ۽ ميانوالي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس منعقد ٿيو. ٻنهي ڊويزنن سان تعلق رکندڙ ايم پي ايز اسيمبليون ٽوڙڻ جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي. اجلاس دوران عمران خان چيو ته هن مهيني اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. اسان جي سياست ملڪ کان مٿانهين نه آهي. مسلم ليگ(ق) اسيمبليون ٽوڙڻ جي معاملي تي هڪ پيج تي آهي. (ق) ليگ اهم اتحادي آهي انهن کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں