سکر(رپورٽ: مجيد نواز مغل) وزيراعظم پاڪستان شھباز شريف سکر پھچي ايم6 حيدرآباد سکر موٽر وي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ، وفاقي وزير اسد محمود، وفاقي وزير احسن اقبال، وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ٻيا وفاقي ۽ صوبائي وزير پڻ موجود ھئا. افتتائي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان شھباز شريف چيو تھ ھي 306 ڪلو ميٽر جو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو، ايم 6 منصوبو مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۾ اتر کان ڏکڻ طرف سمورو موٽر وي مڪمل ٿي ويندو. ايم 6 منصوبو 30 مھينن اندر مڪمل ڪيو ويندو ھن منصوبي جي معيار تي ڪو بھ سمجھوتو نھ ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايم 6 موٽر وي جي افتتائي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ اڄ تاريخي ڏينھن آھي جو ھڪ اھم منصوبي جو سنگ بنياد رکيو آھي ھن منصوبي تي ٻنھي طرفن کان ڪم شروع ڪيو ويندو. ھن چيو تھ ايم 6 موٽر وي تي صرف سنڌ نھ پر پوري پاڪستان جي عوام کي سفر جي سھولت ميسر ٿيندي، موٽر وي منصوبو گذريل 3 سالن کان تاخير جو شڪار رھيو آھي ھاڻي ھي منصوبو جلد مڪمل ڪري عوام کي سفر جي بھتر سھولت فراھم ڪئي ويندي. ان کان اڳين پي ٽي آئي جي حڪومت کان ڪا بھ اميد نھ ھئي ان لاءِ ڪڏھن بھ عوامي منصوبن لاءِ ڪو بھ مطالبو نه ڪيو سين. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو تھ سکر حيدرآباد موٽر وي جو سنگ بنياد ھڪ تاريخي اھميت رکي ٿو ان جي شروع ٿيڻ سان مقامي ماڻھن لاءِ 25 ھزار نوڪريون پڻ پيدا ٿينديون، جڏھن تھ نيشنل ھاءِ وي کي ھرگز نظر انداز نھ ڪيو ويندو ان لاءِ وزيراعظم پاڪستان کي پڻ فنڊن جي درخواست ڪئي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو تھ منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف کي ھن روڊ تي سفر ڪرڻ جي خصوصي دعوت ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو تھ سيلاب متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم پاڪستان کي درخواست ڪئي آھي تھ ھو سنڌ اندر سيلاب متاثرين علائقن جو پڻ دورو ڪندو جڏهن تھ اسان وفاقي وزير مواصلات اسد محمود کي پنھنجي خدشن جو پڻ اظھار ڪيو جنھن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.
