دادو ۾ دڪاندارن جو روڊ تي گندو پاڻي بيهڻ خلاف احتجاج

دادو(ڊ ر)دادو شھر جي پريس ڪلب روڊ، اسٽيشن روڊ تي گٽر اٿلي پيا گندو پاڻي روڊ تي بيھي وڃڻ سبب دوڪاندارن جو احتجاج ميونسپل آفيس جو گھراءُ ميونسپل ڪامورن خلاف شديد نعري بازي. بدبودار پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف دوڪاندارن نور احمد خشڪ، گل حسن پنھور، فاروق خشڪ ۽ ٻين دوڪاندارن اسٽيشن روڊ کان مارچ ڪري ميونسپل آفيس جو مک دروازي تي ڌرڻو ھنيو مظاھرين دانھيو ته اسٽيشن روڊ، پريس ڪلب روڊ تي گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي جنھن سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿئي ٿو، ميونسپل انتظاميا کي بار بار شڪايت ڪئي آھي تدارڪ نہ پيو ڪيو وڃي مجبورن ميونسپل آفيس جو مک دروازو بند ڪري ڌرڻو ھنيو آھي  پاڻي نيڪال ڪري ڪاروبار متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں