سجاول: ناليوارو صحافي ۽ سماجي ورڪر مختيار زنئور لاڏاڻو ڪري ويو

سجاول (ن س) نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صحافين  پاران ناليواري صحافي ۽ سماجي ورڪر مختيار زئور جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي پريس ڪلب ۾ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي گذريل ڏينهن سجاول جي شھر  ميرپور بٺورو جو ھردل عزيز نوجوان صحافي ۽ سماجي ورڪر مختيار زنئور 41 ورهين جي ڄمار ۾ ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صحافين مرحوم صحافي مختيار زئور جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ پريس ڪلب ۾ دعا پڻ گھري وئي، جنهن ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ چيو ته مختيار زنئور دردمند دل رکندڙ بي خوف انسان هو. هن صحافت دوران هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ صحافت جو حق ادا ڪيو.هن چيو ته مختيار زنئور جون صحافتي خدمتون ۽ سماج جي بهتري لاءِ ڪيل ڪاوشون سدائين ياد رکيون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں