ڀٽ شاهه(ن س)پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد احسن عباس شاہ لطيفي ۽ سيد فرحاد عباس شاہ لطيفي پاران ڀٽ شاھ ۾ ميڊيا آفيس جو دورو ڪري صحافين سان ملاقات ڪئي وئي، ان موقعي تي سيد احسن عباس شاہ لطيفي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان دنيا جو ناڪام ترين سياستدان آهي ان جا ڪيل سڀ فيصلا ناڪام ٿيا آهن مستقبل بلاول ڀٽو زرداري جو آهي جيڪو ملڪ جو وڏو ليڊر آهي ۽ بلاول ڀٽو ئي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم هوندو، پيپلزپارٽي هڪ عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا، پيپلزپارٽي خلاف اتحاد ٺهندا رھن ٿا مگر عوام انهن کي هر ڀيري ناڪام ڪري ڇڏيندو آهي هن چيو ته مخدوم خاندان پارٽي جو اثاثو آهن اسان جا انهن سان خانداني تعلقات آهن انهن سان گڏجي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.
