لاڙڪاڻي ۾ ڳيريلو جي رهواسين جو بااثرن خلاف مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳيريلو واري علائقي جي رهواسين طرفان بااثرن جي مبينا زياتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت لبنا خاتون ميئو پنهنجي مڙس جاويد احمد، ڏير خليل، ٻارڙن زينب، نيها ۽ سمير ميئو سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل سومر واري ڏينهن پاڙي جي بااثرن پيپلز پارٽي جي يوسي چيئرمين عطاءُ الله ميئو، شهاب الدين ميئو، رمضان ميئو ۽ ٻين ڀت جي معمولي ڳالھ تان اسان جي گهر ۾ داخل ٿي مون سميت منهنجي مڙس ۽ معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو، اهڙو واقعي جي اين سي حد جي ڳيريلو ٿاڻي تي داخل ڪرائي سين، پر پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي. هن چيو ته ڄاڻايل بااثرن اسان جي گهر تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، جنهن جي ڪري هو اسان تي تشدد ڪري حراسان ڪري رهيا آهن، ته جيئن هو اسان جي گهر تي قبضو ڪري سگهن، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن پيپلز پارٽي جي قيادت سميت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مٿين بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں