ملير (ڊ ر) ملير جي قديم ڳوٺن عارب پنهور ڳوٺ ۽ يوسف عارفاڻي ڳوٺ کي ملير ڊويلپمنٽ اٿارٽي پاران امڪاني مسمار ڪرڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن جي يوسف ڳوٺ کان ملير پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي، مظاهرو، مظاهرين پاران ايم ڊي اي خلاف نعريبازي، قديمي ڳوٺن کي تحفظ ڏنو وڃي، چونڊيل نمائندا ڳوٺن جي مالڪي لاءِ اسيمبلي ۾ آواز اٿارن، قانون سازي ڪري ڳوٺن کي مڪمل طور تحفظ ڏنو وڃي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ڳوٺن خلاف ڪارروائي کي روڪڻ جي اپيل، خبر موجب ملير جي پاڪستان کان اڳ قائم ڳوٺ عارب پنهور، يوسف عارفاڻي جي سوين ڳوٺاڻن ڳوٺ کي امڪاني مسمار ڪرڻ خلاف سيد خدا ڏنو شاهه، اختر عارفاڻي، سهيل ڄاموٽ، حاجي منظور عارفاڻي، مکي اوڌا مل، سڪندر پنهور، حاجي الله ڏنو جوکيو، حاجي نظر جوکيو، رستم علي هنڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يوسف ڳوٺ کان ملير پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير تي پهچي احتجاجي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي وئي. ڳوٺاڻن ايم ڊي اي خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ۽ ڳوٺن کي امڪاني مسمار ڪرڻ خلاف ايم ڊي اي کي سنڌ دشمن ادارو قرار ڏنو، احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي سماج سڌار اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته ڪراچي جي مقامي ڳوٺن کي ڊاهڻ هڪ وڏي سازش جو حصو آهي، سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ آڻي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي رٿابندي ٿي رهي آهي، هن سنڌ حڪومت کي سخت ڇوهه ڇٽيندي چيو ته چونڊيل نمائندا انتهائي نااهل آهن جنهن ڪري اڄ پاڪستان کان اڳ جي قائم ملير سميت ڪراچي جي ٻهراڙين جي قائم قديم ڳوٺن جي مڪمل طور تي ريگولائزيشن نه ڪرائي سگهيا آهن، اسان جي عدالتن کي گمهراهه ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ من پسند فيصلا ورتا پيا وڃن، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو حقيقي انگ اکر جيڪي ڳوٺن بابت آهن تن کي منظر عام تي آندو وڃي ته جيئن ڳوٺن خلاف سازش نه ٿي سگهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ملير جي قديم ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ اسان جي جدوجهد جو رخ اسيمبلين ۽ ايوانن طرف هوندو. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته قديمي ڳوٺن خلاف امڪاني مسمار ڪرڻ واري عمل جو سخت نوٽيس وٺي.
