عبدالمجيد ملاح
اسمبيلون ٽوڙڻ کان اڳ ۾ موجوده حڪومت کي گهرجي ته عام چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ سميت سمورين پارٽين کي اعتماد ۾وٺڻ لاءِ 2023 سال جي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري انهي ۾ ملڪي سالميت آهي ۽ وڌيڪ معشيت کي بهتر ڪرڻ لاءِ پهرين ايجنڊا هئڻ گهرجي سياست ۾ اناپرستي سبب ننڍا صوبا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن هڪ اهڙو به وقت آيو هو جنهن ۾ وفاقي نظام جي مخالفت ۾ کاٻي ڌر جي وفاقي سياست ڪندڙ سياستدانن ڪنفيڊرل نظام لاءِ هڪ سياسي پارٽين فرنٽ يعني محاذ قائم ڪيو هو جنهن تحت جهدوجهد ڪئي وئي پئي ليڪن وفاقي نظام هڪ بهتر نظام جي ڳالهه ته جهموريت جي پاسداري لاءِ سڀئي سياستدانن برابري واري نظام کي هلائڻ جي تائيد ڪئي پهچي وفاق کي مضبوط ڪرڻ صوبن کي برابري وارا حق ملڻ گهرجن ليڪن انهي تي پڻ عمل نه ٿي سگهيو آهي سنڌ صوبو جنهن تحت 1940 واري قرادار پاڪستان وجود ۾ آيو ليڪن آڃان استحصالي قوتون حاوي آهن سنڌ هن وقت بين الاقوامي يتيم خاني وارا ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
حقيقت ۾جيڪي وفاقي پارٽين کي هلائڻ وارا سربراهه آهن اُهي هن ملڪ سان سچا نه آهن پاڪستان هڪ اسلامي رياست جو روپ واري حثيت رکي ٿو ليڪن ان ۾ به مفاد پرستي آهي غريب عوام اڄ به غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي مهنگائي جو توب جو منهن به غريب طبقي ڏانهن آهي. هن کي سياست سان ڪابه دلچسپي اولاد کي بهتر تعليم ڪانهي روزگار جي موقعن تي ڌاريان قابض آهن حقدارن کي جياپي لاءِ هر وقت ذهني پريشاني رهندي پئي اچي ڪابه حڪومت نالو غريبن جو استعمال ڪري انهن کان ووٽ حاصل ڪري ٿو وري انهي ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسڻ لاءِ به تيار ڪانهي ليڪن جيڪي به حڪمران اچن ٿا صرف پنهنجي پراڻي راڳڻي ماڻهن کي ٻڌائي اخباري ٽي وي چينلز جو پيٽ ڀرين ٿا عدالتن ۾ اچي ختم ڪري وري عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ اچي وڏا وڏا جلسه ڪري پنهنجي ذهني عياشي ۾ مست ٿيو وڃن حقيقت ۾ جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي حڪومت ڪرڻ لاءِ به پنج سالن لاءِ اقتدار ملي ڪري ٿو ته انهي ليڪن هتي ائين ڪونه ٿو ٿئي….
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هڪ غلطي سبب وڏي مشڪل ۾ اچي ويو جنهن وقت کان اڳم عام چونڊون ڪرايون ٿي جنهن سبب اقتدار کان هٿ ڌوئڻو پيو حقيقت ۾ ڀٽو صاحب جيڪي پنهجو مدو پنج سال مڪمل ڪري ها ۽ پوءِ اچي عام اليڪشن ڪانگران حڪومت ڪرائي نه ٻيهر اقتدار حاصل تي وڃي ليڪن ڪنهن جي چوڻ يا صلاح تي پنهنجي نگراني ۾ عام چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي کي ان وقت جي مخالف ڌر قبول نه ڪيو جنهن ڪري اقتدار به ويو بلڪ وڏو جاني، مالي نقصان ڪرڻ ڪري حياتي به هلي ويئي تنهنڪري هن وقت به اها غلطي به ٿيڻ گهرجي وقت کان اڳم چونڊون ڪرائڻ جو ڪيڏو نقصان ٿيو ان جو مثال ماضي مان حاصل ڪرڻ گهرجي عمران خان کي به پنج سالن جو مدعو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته بهتر هو وقت کان اڳم چونڊون ڪرائڻ جو نقصان ملڪي سالميت لاءِ به وڏو هاڃيڪار عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي مڪمل تاريخ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ان تحت ملڪي معشيت طرف ڌيان ڏيئي منهنگائي کي روڪيو وڃي هن وقت ڊالر ۾ وڏا خطري جي گهنٽي کان خالي ڪانهي….
