نوابشاهه (ڊ ر) تعلقي نوابشاهه جي ڳوٺ پير بخش جمالي جي رھواسي عورتن ۽ مردن پاران رٽائر پوليس اھلڪار خان محمد رند پاران زمين تي قبضو ڪرڻ ۽ زمين تي لڳل بجلي جو ٽرانسفارمر لاھڻ خلاف علي رضا جمالي، الھورايو جمالي، گلاب جمالي، فتن جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آھي ته رٽائرڊ پوليس اھلڪار خان محمد رند جيڪو گذريل ھڪ مھيني کان اسان جي 4 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسان جي زمين تي لڳل بجليءَ جو سرڪاري ٽرانسفارمر به پرائيويٽ ماڻھو وٺي لاھڻ چاھي ٿو، ھنن چيو ته خان محمد رند ھڪ بااثر ماڻهو آھي جيڪو پئسي ۽ طاقت جي زور تي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو. ھنن چيو ته اسان پوليس کي به شڪايت ڪئي آھي، پر پوليس پنھنجي پٽي ڀائي جي ونگار وھندي ان خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري. ھنن چيو ته رٽائرڊ پوليس اھلڪار خان محمد رند اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ٿو، جنھن مان اسان کي جان جو خطرو آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته مذڪورہ بااثر خان محمد رند خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منھنجي تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.
