نوشهرو ۾ ڳوٺاڻن جو پبلڪ هيلٿ خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن ،ڳوٺن جي رهواسين علي نواز سيال،وحيدخاصخيلي، نويد ملڪ،رضوان ڪلهوڙو،محمد قاسم سولنگي، وزيروڳڻ، سڪندرعباسي،ولي محمد ڦل،آصف اڄڻ ۽ ٻين پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ داهيندي چيو آهي ته نوشهروفيروز ضلعي جي هر شهر ڳوٺ واهڻ وستي ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي نگراني هيٺ هلندڙ ترقياتي ڪمن جون کان وٺي بند پيل آهن ۽ ٺيڪيدار ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن جنهن ڪري شهر ۽ ڳوٺ گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن پر تازو سنڌ حڪومت پاران رڪيل رقم جاري ٿيڻ کان پوءِ انجنيئر عنايت ميمڻ ۽ ٽينڊرڪلارڪ غفور ملڪ ڪجهه ٺيڪيدارن اقبال شيخ اميرحيدرملاح،سيدرکيل شاهه،آصف ڀٽو،ياسين چانڊيون،زاهدسهتو،فياض اڄڻ ۽ ٻين کي هڪ هفتي دوران 13 ڪروڙ رپين جي رقم جا چيڪ جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪي رقم وٺي ٻيهر جا ته غائب ٿي ويندا جا ناقص مٽيريل استعمال ڪري پنهنجي مرضي جو ڪم ڪري هليا ويندا جنهن ڪري اسان نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کان مطالبو ٿا ڪريون ته بنا ڪم ڪرائڻ جي من پسنڌ ٺيڪيدارن کي جاري ٿيل رقم جي جاچ ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر عنايت ميمڻ ۽ ٽينڊر ڪلارڪ غفور ملڪ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي طرف پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر عنايت الله ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ڪجهه ٺيڪيدارن کي چيڪ جاري ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته 13 ڪروڙ جاچيڪ جاري ناهن ڪيا باقي 6 کان 7 ڪروڙ جا چيڪ انهن ٺيڪيدارن کي جاري ڪيا آهن جن ڪم ڪيو آهي.جاوري ڪم ڪرائي رهيا آهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں