نيب کي ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو ٺاهڻ گهرجي: سعد رفيق

لاهور (م ڊ) هوابازي واري وزير خواجه سعد رفيق به نيب کي ختم ڪري احتساب جو نئون ادارو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو . لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته جن زمين تان کڻي ڪوڙو مهاتما بڻايو ان ساڻن احسان فراموشي ڪئي. هن چيو ته اسان جي خلاف ڪيئي بي بنياد ڪيس ٺاهيا ويا جنهن ۾ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سياسي مخالفت سبب ڪيس ٺاهيا ويا هئا، هاڻي حالتون مختلف آهن، ڪير به عمران خان سان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته اسيمبليون ٺاهڻ ۽ ٽوڙڻ راند آهي ڇا، چونڊون ڪرائڻ لاءِ پئسا کپن، تنهنڪري جتي اوهان جي حڪومت آهي اتي ڪم ڪيو. خواجه سعد رفيق چيو ته هر وقت فوج کي گهيلي سياست ۾ وٺي اچڻ سٺي ڳالهه ناهي، منهنجي خيال ۾ نيب ختم ڪري احتساب جو هڪ نئون ادارو ٺاهيون وڃي جڏهن ته موجودا نيب چيئرمين ايماندار ماڻهو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں