غلام مصطفيٰ جمالي
ملڪ جي معاشي صورتحال تي ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جي تبصري سان جيڪڏهن اتفاق ڪيو وڃي ته سئو فيصد سچ ئي آهي ته ملڪ ڏيوالي طرف وڃي رهيو آهي پر حقيقت اها آهي ته نه رڳو ملڪ ڏيوالي جي صرف وڃي رهيو آهي پر ان سان گڏ اسان جي معيشت خطري جي ڪناري تي آهي. 115 ارب ڊالر جو پرڏيهي قرض، واپار جو خسارو جيڪو هلندڙ مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ 20 ارب ڊالرن کان وڌي ويو ۽ رپئي جي مٽا سٽا جي شرح ۾ تاريخي گهٽتائي.! جيڪا گذريل ٽن سالن ۾ 30.5 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي.مطلب ته ملڪ جي معاشي ڍانچي جو بنيادي بنياد ئي مسئلا ئي مسئلا ٿيو پيو آهي. قرضن تي وياج واپس ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قرض ورتا پيا وڃن، جڏهن ته وڌندڙ واپاري خسارو وڌڻ بجائي خسارو ڏئي رهيو آهي جنهن سبب رپئي جي قيمت ڏينهن به ڏينهن هيٺ ڪري رهي آهي جي اهڙي ريت ملڪ جي معيشت هلندي رهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ يقيني آهي ڏٺو وڃي ته ملڪ جي معيشت جي وجود جو دارومدار صنعت ۽ پيداوار جي سرگرمين تي آهي، پر خطي جي اهم جاگرافيائي پوزيشن ۽ وسيع معدنيات، سامونڊي، جاگرافيائي وسيلن جي باوجود پاڪستان جي برآمدات ٽيڪسٽائيل مطلب ته هر شعبي ۾ مسلسل اڳتي نه وڌي رهي آهي.هڪ زرعي ملڪ لاءِ هميشه وڌندڙ عالمي خوراڪ جي منڊي ۾ جاءِ ٺاهڻ جو آپشن هر وقت کليل رهندو پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ملڪ جي زراعت مظبوط هجي اسان وٽ.ته رزاعت جو به حال ڪونهي جنهن جا به ڪيترائي سبب آهن خاص طور تي هن وقت جيڪو ڀاڻ جو اهم اشو هلي رهيو آهي،انڪري اسان هن ملڪ کي زرعي ملڪ هجڻ جي دعويٰ رڳو چوڻ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي ڪڻڪ کان وٺي دال ۽ تازي ڀاڄين تائين هر شيءِ ٻاهران گهرائڻي پوندي آهي.ملڪ جي آبادگارن کي اڃان تائين زراعت جي پوري پوري ڄاڻ به ناهي اچي سگهي جڏهن ته ملڪ جا ڪامورا انهي مد ۾ اربين رپيا هڙت ڪيو آساني سان اوڳرائي ڏئي هضم ڪيو وڃن جن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي.زراعت بابت آبادگارن کي ڄاڻ جي ضرورت آهي. تنهنڪري جو آبادگار جو بنيادي سبب زرعي زمين جو تجارتي ۽ صنعتي مقصدن لاءِ استعمال آهي. پوءِ ڳوٺاڻن ۽ شهري زندگيءَ جو جائزو وٺندي اها ڳالهه واضح ڪرڻ لاءِ ته شهري زندگي ڳوٺاڻي زندگيءَ کان بهتر آهي، وڏي پئماني تي ٻهراڙيءَ جي آباديءَ کي شهرن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري شهري آباديءَ جي خرابيءَ جو سبب بڻجي ٿو. بهرحال، زراعت جي اهميت کي محسوس ڪندي، نه رڳو ترقي پذير ۽ آزاد ٿيل ملڪ جديد زرعي ايجادن مان فائدو وٺي رهيا آهن، پر زرعي تعليمي ادارن جي تحقيقي ڪم کي پڻ هٿي ڏئي رهيا آهن. پر هتي الٽي گنگا وهائي وئي وڃي، زرعي پورهيتن جي همت افزائي ڪرڻ بدران انهن کي جسم جا بيڪار عضوا سمجهي نظرانداز ڪيو پيو وڃي اها ڳالهه ته ڇڏيو، پر ڏسو ته اسان جي حڪومت هارين لاءِ ڪهڙا مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، جنهن جو هارين ماضيءَ ۾ تصور به نه ڪيو هو، ان جو انجو ثبوت ان مان ظاهر آهي ته، توهان کي ڀاڻ ۽ ٻج لاءِ وٺڻ لاءِ آبادگارن جون ڊگهيون قطارون نظر اينديون. يعني اسان جي واپاري خساري ۾ ان جو وڏو حصو آهي. گذريل مالي سال دوران رڳو ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد تي هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم خرچ ڪيو ويو آهي. خوردني تيل جي درآمد جو بل اڍائي ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 70 فيصد اسان
دال امپورٽ ڪرڻ تي هڪ ملين ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ٿيو. وسيع زرعي ايراضي، نرم آبهوا ۽ زرعي پيداوار جي روايت جي باوجود، خوراڪ جي خود ڪفالت واضع ڪيو ته رزاعت ۾ حڪومت جي دلچسپي نظر نٿي اچي. ٽيڪسٽائيل ملڪ جو مکيه برآمداتي شعبو آهي پر ڪپهه جي پيداواري بحران سبب گذريل سال اٽڪل اڍائي ارب ڊالرن جي ڪپهه درآمد ڪئي وئي.۽ برآمداتي شعبي کي ڪو اونوُ ئي ناهي ملطب ته اهو معاملو سندن ناهي. گذريل مالي سال جي پهرين يارنهن مهينن دوران برآمدات ۾ رڳو 14 سيڪڙو اضافو ٿيو. جيتوڻيڪ هن سال برآمدات جي واڌ جي شرح ٿوري بهتر رهي آهي، پر درآمدات ۾ غير معمولي اضافو پڻ برآمدات ۾ ان واڌ کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي.ان معاشي صورتحال جا اثر بليڪ آئوٽ کان هيٺ، مهانگائي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال جي صورت ۾ نڪري رهيا آهن. 11.5 سيڪڙو مهانگائي سان پيارو ملڪ خطي ۾ سڀ کان وڏو مقام رکي ٿو. هندستان ۾ اها شرح صرف 4.95 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 5.7 سيڪڙو ۽ سريلنڪا ۾ 9 سيڪڙو آهي. ان جي باوجود اسان جو وزير اعظم صاحب چوي ٿو ته پاڪستان سڄي ايشيا جو سستو ملڪ آهي، هتي رڳو چانهه مهانگي آهي، باقي هر شيءِ سستي آهي. عالمي بئنڪ سميت ملڪن جا معاشي رڪارڊ رکندڙ معتبر ادارا ۽ پورٽل وفاقي وزير جي ان دعويٰ سان متفق ناهن. جيئن اکيون بند ڪرڻ سان خطرو ٽري نٿو وڃي، تيئن معاشي بحران کي رد ڪرڻ سان مسئلا گهٽ نه ٿا ٿين. عام ماڻهو جڏهن خريداريءَ لاءِ ٻاهر نڪرندو آهي ته اٽي ۽ دال جي وهڪري جي خبر پوندي اٿس. آءِ ايم ايف کان تازو هڪ ارب رپين جي قسط جي سخت ترين شرطن جي اثرن سبب مهانگائي ۾ تيزي آئي آهي. قسط تازو منظور ڪئي وئي آهي، پر منظوري جو هوم ورڪ هن سال جي شروعات ۾ ڪيو ويو، بجلي جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو، ضروري شين تي سبسڊي ۾ مسلسل گهٽتائي ۽ هن سال جي بجيٽ ۾ وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو واضح ثبوت آهي. . پر ڇا ٿيو آهي ان کي ٽريلر ئي سمجهيو وڃي ڇو ته اصل فلم اڃا مني بجيٽ جي صورت ۾ اچڻي آهي. بهرحال، اهو اڃا تائين هڪ کليل راز آهي ڇو ته لاڳاپيل فورمن مان پئسي بجيٽ تجويزن جي منظوري اڃا تائين نه ٿئي آهي. پر ان حوالي سان حڪومتي عملدار جيڪي چون ٿا، ان کي حتمي سمجهيو وڃي ۽ ان جا نتيجا واضح آهن ته 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار رڳو جي ايس ٽي جي ڇوٽ ختم ڪرڻ يا اگهه وڌائڻ جي صورت ۾ پوندو. ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ يا ان کي ٻيو رخ ڏيڻو پوندو، پاڪستان کي خطي جي ٻين ملڪن سان برابري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجين ترجيحن کي تبديل ڪرڻو پوندو. ان لاءِ تجويز ڪيل قدمن ۾ برآمدات کي وڌائڻ، ننڍي ۽ وچولي صنعتن، صنعتن ۽ برآمد ڪندڙن جي حوصلا افزائي ۽ واپاري خسارو گهٽائڻ لاءِ سنگين قدم آهن. موجوده حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته درآمدات گهٽائڻ جو عزم ڪيو هو. ان لاءِ ڪوششون به ڪيون ويون، ايتري قدر جو مارڪيٽ مطابق ڊالر جي قيمت مقرر ڪرڻ، يعني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، جڏهن ته درآمدي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو ويو ويو.جنهن ڪري مٿيان انگ اکر ان واڌ کي ظاهر ڪن ٿا، انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت جي سوچ منطقي طور تي صحيح نه آهي. ميان صاحب کي حڪومت جون واڳون سنڀاليندي به حڪومت جي زندگي جو اڌ حصو گذاري چڪو پر ملڪ ترقي ڪرڻ بجاءِ مسلسل مهانگائي بک بدحالي جي ڌنڌل ۾ ڦاسيندو پيو ويو جنهن مان نڪرڻ لاءِ پري پري تائين ڪا به اميد جو ڏيئو ٻرهندي نظر نه ٿو اچي جنهن ملڪ جي عوام کي ويتر پريشان ۽ هاءِ ڊپريشن جو مريض بڻائي ڇڏيو آهي پر افسوس جو اڄ جي حڪومت انکان اڻ واقف ۽ ڪن ڍار ڏيکاري رهي آهي جيڪا وڌيڪ پريشاني جو سبب آهي.
