ڄامشورو:استاد بخاري ڪٺ ۾ تٿ جي پهرين فڪري ويهڪ،آيل مهمانن جا ويچار

ڄامشورو ( رپورٽ: وقار هيسباڻي) ڄامشورو ۾ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر طرفان سنڌ جي نامياري عوامي شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 6 ڏينهن واري استاد بخاري ڪٺ جون سرگرميون ٻئي ڏينهن به جاري رهيون،  جنهن ۾ ڄامشورو جي پنجن ئي يونيورسٽين جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ،آفيسرن، ملازمن توڙي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. روزانو منجھند 2:00 وڳي کان شام 6:00 وڳي تائين جاري رهندڙ تٿ جي پهرين فڪري ويهڪ جنهن جو عنوان اخبارن ۾ جوتون روز نبيرين ٿو ۽ سنڌ ڌرتي ڪا آڌيري ٻڪري ناھي هو. جنهن جي صدارت ناليواري ليکڪ محمد يونس مھر ڪئي، جڏهن ته فاروق سومرو، اسحاق مڱريو، مهيش ڪمار مهمان طور ويچار ونڊ يا، صدارتي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي يونس مهر چيو ته قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ جو ماڻهو اڄ ٻہ غلام آهي، اسان کي سڀني مورچن تان سچائي سان ڪم ڪرڻو پوندو. استاد بخاري سنڌ جو تمام وڏو شاعر هو، جنهن پنهنجي وقت جي حالتن توڙي موجوده حالتن کي اڳڪٿي جي صورت شاعري ۾ بيان ڪيو اسان کي جديد سوچ سان اڳتي وڌڻو پوندو آهي. فاروق سومري ڳالهائيندي چيو ته چيو تہ هي استاد بخاري ڪٺ سنڌ جي وڏي ۽ سٺي شاعر کي  ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ سماجي ۾ صحتمند سرگرمي پڻ آهي، انارڪي ۽ انتهاپسندي هجي جتي ٻئي جي ڳالهه ٻڌي نه ٿي وڃي اتي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ هن قسم جون فڪري ويهڪون ٿيڻ گهرجن. مهيش ڪمار چيو تہ سنڌ صحافتي ادارن مختلف وقتن تي پاڻ ملهايو آهي، جنهن جا ڪيترائي  مثال ڏئي سگهجن ٿا موجوده دور ۾ هر فرد صحافي آهي، اڳ وارو صحافتي دور ختم ٿي ويو آهي. استاد بخاري ڪٺ مثبت قدم آهي. اسحاق مڱريي ڳالهائيندي چيو تہ  تاريخ ۾ آرٽ ۽ ڪلچر جي تمام وڏي اهميت آهي، ان کي پوري دنيا ۾ وڏي پئماني تي پذيرائي ملي رهي آهي يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر طرفان رٿيل هي منفرد تقريب سنڌ تي مثبت اثر ڇڏيندي، استاد بخاري پنهنجي شاعري ذريعي جهرجهنگ تائين پيغام پهچايو اهو ئي سبب آهي جو استاد جي شاعري کي هر طبقي جا ماڻهو سمجهن به ٿا، پڙهن به ٿا ۽ پسند به ڪن ٿا. فڪري ويهڪ شروع ٿيڻ کان اڳ استاد بخاري ڪٺ ۾ شريڪ جي آجيان ڪندي يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالفتاح دائود پوٽي جو ته هي پروگرام ترتيب ڏيڻ استاد بخاري تي ٿورو ناهي پر اسان جي يونيورسٽي جي نصاب جو حصو آهي، جنهن مان اسان جي يونيورسٽي جا شاگرد پرائي رهيا آهن ۽ هو اڳتي لاءِ پنهنجي تحقيق جا نوان نوان موضوع ڳولي رهيا آهن. نوجوان راڳي وقار ملاح ڳالهائيندي چيو استاد بخاري کي هن قسم جي مڃتا جو پروگرام مون اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺو، هي پروگرام تمام سٺو ۽ سجاڳي جو سبب بڻجي رهيو هن مان اسان جي عام ماڻهن سان گڏ شاگردن ۽ نوجوان نسل کي ڪجهه پرائڻ گهرجي.  راڳ رنگ واري ٻي ويهڪ ۾  نوجوان قومي وقار ملاح، طفيل ڀلائي، وسيم سمون پنهنجي سازندن جي جوڙ ۾ استاد بخاري جي شاعري کي نين ڌنن ۽ نئين ا ڪچنداز ۾ ڳائي شريڪ ماڻهن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پروگرام دوران بڪ اسٽالن تي ڪتابن جي شوقينن جي وڏي رش رهي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں