ڪنڌڪوٽ(ڊ ر)ڪنڌڪوٽ بدامني جي لهر تي ضابطو نه اچي سگهيو اسڪولي ٻارڙن جو امن و امان جي بحالي لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.نجي اسڪولي ٻارڙن سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڪلا برادري سول سوسائيٽي احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ٿيا.نجي اسڪولي ٻارڙن امن و امان جي صورتحال جي بحالي لاءِ نعري بازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن حافظ نصرالله عزيز چنه،غلام مصطفيٰ ميراڻي،محمد نواز بنگوار،بشير احمد ميراڻي ۽ اسڪولي ٻارڙن جو چوڻ هو ته اغوا ٿي ويل معصوم ٻارڙا بازياب ڪرائي ڏيو امن و امان بحال ڪرايوهنن چيو ته هن وقت ضلعي جي صورتحال انتهائي خراب آهي هر روز ماڻهو معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن.هي ٻارڙن جو احتجاج پوليس عملدارن کي ياداشت نامو آهي ته هاڻي خوف واري فضا کي ختم ڪرائي امن و امان قائم ڪرائي ڏنو وڃي.معصوم ٻارڙن جي اغوا وارداتن جي سلسلي ۾ واڌ سبب اسڪولي شاگردن جي حاضري تمام گهٽ ٿي وئي آهي هوڏانهن اهڙي احتجاج بعد ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ اصغر علي شاه کان موقف وٺڻ تي هن جو چوڻ هو ته اسڪولي ٻارڙن کي مس يوز ڪري احتجاج ڪرائي پرائيويٽ اسڪول جو پرنسپال پنهنجا زاتي مطالبا منظور ڪرائڻ چاهي ٿو.گذريل هفتي احتجاج ۾ مذاڪرات ٿيا پوليس مغوين کي بازياب ڪرائيندي امن و امان جي صورتحال بهتر ٿيندي 3 ڏينهن ۾ اسين 3 مغوي بازياب ڪرايا آهن مذاڪرات بعد احتجاج سمجه کان ٻاهر آهي.هن چيو ته جيڪو شخص معصوم ٻارڙن کي ايس ايس پي آفيس ٻاهريان بيهاري احتجاج ڪرائي رهيو آهي ان کي اسڪول لاءِ گن مين نه ملڻ ڪري هو احتجاج پيو ڪري ۽ اسڪول جي معصوم ٻارڙن کي استعمال ڪري رهيو آهي.هن چيو ته ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول کي شڪايت ڪئي آهي اسڪولي ٻارڙن جي ذهنن کي خراب ڪرڻ نه ڏينداسين اهڙا احتجاج ڪرائي معصوم ٻارڙن جي ذهنن ۾ خوف تاري ڪرڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته ضلعي اندر هن مهل 3 ڄڻا اغوا ٿيل آهن جن جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي اهي جلد بازياب ٿي ويندا.
