ڪوهستان ۾ صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهميءَ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي: گيانچند ايسراڻي

ٿاڻوبولاخان  (پ ر )  اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته ڪوهستان ۾ صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ٿاڻي بولا خان ۾ ڊگري ڪاليج جي منظوري کانپوءِ تعلقي اسپتال کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت تعلقي اسپتال جي نئين بلڊنگ جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي. جڏھن تہ تعلقي ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي ،  اھا ڳالھ هن ٿاڻي بولا خان مان آيل  وفد سان پنھنجي آفيس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته تعلقي اسپتال ۾ ٻارن لاءِ 10 بسترن تي خاص وارڊ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته تعلقي اسپتال جي ميٽرنٽي هوم، آپريشن ٿيٽر ۽ ايمرجنسي وارڊن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ بجلي جي بنا ڪنهن وقفي جي فراهمي لاءِ 30 ڪي وي جو سولر سسٽم لڳايو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿاڻي بولا خان ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته تعلقي جي بنيادي صحت مرڪزن کي به اپ گريڊ ڪيو ويندو ته جيئن ڪوھستان جي ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي ويجھن علائقن ۾ ئي بنيادي صحت جون سهولتون مهيا ٿي سگهن. هن چيو ته اقليتي معاملن واري کاتي تحت سڄي صوبي ۾ اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي گذريل 14 سالن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جڏهن ته اقليتي معاملن واري کاتي جي بجيٽ ۾ به نمايان واڌ ڪئي وئي آهي.هن چيو ته هو ذاتي طور سڄي سنڌ جا دورا ڪري ترقياتي ڪمن جي رفتار ۽ معيار جو جائزو وٺي رهيو آهي. گذريل ڏينهن ٺٽي ۾ شمشان گهاٽ تي هلندڙ ترقياتي اسڪيم مڪمل ٿيڻ تي ان افتتاح ڪيو آھي . صوبائي وزير چيو ته شمشان گهاٽ جي زمين تي قبضي جو خدشو ھو ، اقليتي معاملن واري کاتي چار ديواري اسڪيم مڪمل ڪري شمشان گهاٽ جي زمين کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اقليتي برادري جي هوشيار شاگردن کي ميرٽ تي اسڪالر شپ ڏيڻ لاءِ آءِ بي اي سکر يا ڪنهن ٻئي نامور اداري تحت ٽيسٽ وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ جلد ان معاملي تي حتمي فيصلو ڪيو ويندو ۽ اسڪالر شپ جون درخواستون گھرائڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں