گولاڙچي ۾ ايس اي ايف جي اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام منعقد

گولاڙچي (ن س) گولاڙچي شھر ۾ سنڌ ايجو ڪيشن فائونڊيشن ۽ ھينڊس جي گڏيل سھڪار سان ھلندڙ پيپلز اسڪول شھيد فاضل راھو گولاڙچي ۾ ھڪ ثقافتي پروگرام منقعد ڪيو ويو جنھن ۾ اسڪول جي شاگردن ثقافتي لباس پائي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جو مھمان خاص ھينڊز ضلع بدين جو مينيجر حيدر علي پنھور شرڪت ڪئي جنھن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي تنظيم گولاڙچي شھر جي ھن اسڪول کي مثالي اسڪول بنائيندي ـ غريب ٻارن کي مفت تعليم مفت ڪتاب ۽ مفت يونيفارم مھيا ڪندي جيئن ھن پٺتي پيل علائقي جا ٻار بھتر تعليم حاصل ڪري سگھن. اسڪول جي ايڊ منسٽيٽر ايڊوڪيٽ عمران خواجا پنھنجي خطاب ۾ چيو ت اھڙن پروگرام ڪرڻ سان ٻارن کي پنھجي ثقافت جي سڃاڻپ ٿئي ٿي ۽ ٻارن جي ذھني صلاحيت پڻ وڌي وڃي ٿي ـپروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان تقريرو، نعت پڙھن ۽ ٽيبلو پڻ پيش ڪيا ويا. آخر ۾ شاگردن ۾ ايورڊ ۽ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں