ھنڱورجا ۾ ٻن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو

هنڱورجا(ن س)ھنڱورجا ۾ موکي پبليڪيشن ۽ يوٿ ڪائونسل پاران ٻن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو,نوجوانن ۽ علم دوستن جي ڀرپور شرڪت. ڪتابي ميلي جو افتتاح ايور شائن ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر عبدالحڪيم چنو, ھنڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو,يوٿ ڪائونسل جي صدر فرحان سھتو,اديب محمد مٺل تنيو,سينيئر صحافي فرمان سھتو,عابد سولنگي ۽ ٻين ڪيو.ڪتابي ميلي دوران ناليواري اديب شاعر ڄام محبت سھتو,ليکڪ نصير سومرو, پروفيسر محمد امين مغل,پروفيسر اشفاق احمد ميمڻ,سينيئر صحافي بچل ھنڱورو,صحافي اتحاد جي صدر غلام حسين چانگ,غلام شبير کوکر,عزيز ميمڻ, پروفيسر جي ايم ڀٽي,عبدالرحيم چنو,ضمير رڪراڻي ۽ ٻين اسٽالن تي پھچي ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ ڪتابي ميلي کي ساراھيو.ان موقعي تي عبدالحڪيم چنو چيو ته ڪتاب جي پڙھڻ سان ئي نوجوانن جي شعوري آبياري ٿيندي,نصير سومرو چيو ته ڪتابن سڀني اھل علم دوستن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي,جميل علي ڀٽو چيو ته نوجوان ڪتابن طرف راغب ٿيندا ته کين شعوري ۽ علمي سگھ ملندي.ڄام محبت علي سھتو چيو ته ڪتاب انسان جو حقيقي دوست آهي.غلام حسين چانگ چيو ته ڪتابي ميلا ۽ لائيبريريون وقت جي اھم ضرورت آهن نوجوانن کي ڪتابن جو رخ ڪرڻ گهرجي.پروفيسر اشفاق ميمڻ چيو ته اسان کي فضول سرگرمين بجاء علمي پروگرامن جو حصو بنجڻ گهرجي.فرحان سھتو چيو ته نوجوانن کي ئي اڳتي اچي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.ميلي ۾ صبح کان رات تائين علم دوست نوجوانن توڙي پوڙھن پڪن جي اچ وڃ جاري رھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں