اسلام آباد (م ڊ) تاجڪ صدر امام علي رحمان ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. ايئرپورٽ تي واپار واري وفاقي وزير نويد قمر تاجڪستان جي صدر جو استقبال ڪيو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي تاجڪ صدر امام علي رحمان کي گارڊ آف آنر ڏنو ويو. تاجڪ صدر شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف تاجڪ صدر جو استقبال ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ون آن ون ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. تاجڪ صدر جي دوري دوران اهم ملاقاتن ۽ ٻطرفن معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
