ڪراچي (بيورو) گڏيل عرب اماراتن جي قونصل خاني پاران افضال ميموريل ٿيليسيميا فائونڊيشن جي سھڪار سان تھيلسميا جي مرض بابت آگاهي تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ ، مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاھ شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ يو اي اي جو قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي بہ موجود ھئا . ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته افضال ٿيليسيميا فائونڊيشن جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن . پوري صوبي ۾ فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مريضن جي خدمت ڪري رھي آهي. يو اي اي قونصل خانو سنڌ ۾ فلاحي ڪمن ۾ مصروف آهي. گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ خاص طور تي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي جا ٿورائتا آهيون . صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ٿيليسيميا فائونڊيشن جي اهم تقريب يو اي اي قونصل خاني جي سهڪار سان منعقد ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٿيليسيما موذي مرض آهي، جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مريضن کي وقت تي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ھن چيو تہ افضال فائونڊيشن جي سپورٽرز لاءِ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ انهن جي همت افزائي ڪري ته جيئن ٿيليسميا جي مريضن کي مفت علاج جون سهولتون ملي سگهن. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي يو اي ايي جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي چيو ته پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي. هن چيو ته يو اي اي حڪومت پاڪستان جي عوام جي خدمت جاري رکندي. تقريب ۾ مشهور اداڪار جاويد شيخ، معروف صنعتڪار زبير موتي والا، افضال فائونڊيشن جي انتظاميا ۽ شھرين شرڪت ڪئي.
