صدر عارف علوي سان وفاقي وزيرن اياز صادق ۽ اعظم تارڙ جي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) صدر عارف علوي سان اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير اياز صادق ۽ وزيراعظم قانون واري نذير تارڙ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر هائوس ۾ مملڪتي وزير سان وفاقي وزيرن جي ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال ۽ قانون سازي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ صدر 3 ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو. عارف علوي اڄ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات جو به امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں