لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ رهبر تحريڪ سنڌ طرفان قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ متاثرن سان گڏجي ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رهبر تحريڪ سنڌ جي چيئرمين سجاد احمد چانڊيو، سينيئر نائب صدر عبدالمجيد مگسي، غلام عباس چانڊيو، مولانا سلطان احمد جاگيراڻي، تحريڪ جوانان پاڪستان ضلعي نائب صدر خالد حسين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پنج مهينا اڳ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن تباهي مچائي ڇڏي جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ مال متاءُ مري ويو ڪيترائي متاثر هن وقت به کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر کين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو ۽ ماڻهو ٿڌ ۾ مري رهيا آهن ان کان اڳ ٻوڏ ۾ ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن. هنن چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ اسان تڪ جي چونڊيل ايم اين اي مير عامر خان مگسي، آفتاب شهبان ميراڻي، مير نادر مگسي، برهان خان چانڊيو، سردار خان چانڊيو، گهنور اسراڻ سميت ضلعي انتظاميه جي عملدارن سان ملاقاتون ڪري کين متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ ايلاز منٿون به ڪيون پر اهي پنهنجي من پسند ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي حقي متاثرن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن اهڙي عمل خلاف اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ نومبر مهيني ۾ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن جي اڄ ٻڌڻي تي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا پر انهن جي رويي مان ائين لڳي ٿو ته هو متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جلد کان جلد ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر ڪري کين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏئي امدادي سامان ۾ ڪرپشن ڪندڙ چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
