نوشهرو فيروز ۾ وڪيلن جو، اڳواڻ جي ڪار چوري ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ( ڊ ر) مورو بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري قادر بخش ڪورائي جي ڪار نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا. چوري خلاف وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو. وڪيلن نوشهروفيروز ۾ ايس ايس پي آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ بدامني خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي ضلع بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري شوڪت ٻوھيو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين وڪيلن چيو ته مورو پوليس کي چوري جا سي سي ٽي وي ڏنا ويا آھن ۽ چور فٽيج ۾ ظاھر ھجڻ باوجود پوليس ڪارروائي ناھي ڪئي. جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪار واپس ڪرائي وڃي ۽ پوليس تحرڪ نه ورتو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں