وفاقي سرڪار طرفان وزيراعظم ليپ ٽاپ پروگرام ۽ بنا وياج جي قرض ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت طرفان هڪ ڀيرو وري ليپ ٽاپ ۽ بنا وياج جي قرض ڏيڻ وارو پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وفاقي سرڪار طرفان وزيراعظم ليپ ٽاپ پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي سرڪار پاران نوجوانن کي 15 لک رُپين تائين قرض ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ خاص مددگار شيزا فاطمه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي خاص مددگار شيزا فاطمه چيو ته ليپ ٽاپ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي جنهن تحت وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ ورهائيندو. هن چيو ته اي روزگار، اي لرننگ، ليپ ٽاپ اسڪيم ۽ ٻين پروگرامن تي ڪم ڪيو ويو آهي، چئن سالن دوران اٽڪل پنج لک ليپ ٽاپ ورهايا ويا ۽ هلندڙ سال هڪ لک ليپ ٽاپ ڏنا ويندا جڏهن ته بلوچستان لاءِ ليپ ٽاپ ڪوٽا ٻيڻي ڪئي وئي، انکانسواءِ ٽرانس جينڊرز کي به ليپ ٽاپ ڏنا ويندا. خاص مددگار جو چوڻ هو ته وزيراعظم لاءِ نوجوانن جو روزگار سڀ کان اهم آهي، وفاقي سرڪار هڪ سال ۾ ويهه لک نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بزنس اينڊ ايگريڪلچر لونز جون سموريون اپروولز ٿي ويون آهن، پنج لک کان مٿي تائين جو قرض آسان شرطن تي ڏنو ويندو ۽ قرض جو مقصد ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ آهي، نوجوان اهڙي قسم جو ڪاروبار شروع ڪن جو ٻين کي روزگار جو موقعو ملي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں