اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي سبسڊي ٽارگيٽڊ ڪرڻي پوندي ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڪورونا وبا سبب ڪيئي ملڪن ٽئڪس ريٽ ۾ اضافو ڪيو، اسان وٽ به ٽئڪس ٽو جي ڊي پي ريٽ وڌائڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي، دنيا جي ڪيئي ملڪن جو قرض ٽو جي ڊي پي پاڪستان کان تمام گهڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ٽئڪسن دائرو وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ مان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو. سندس چوڻ هو ته پنج سال اڳ اسان ڪٿي هئاسين ۽ هاڻي ڪٿي آهيون، گذريل چئن سالن ۾ اڪنامڪ مئنيجمنٽ مڪمل طور ناڪام رهي. هن چيو ته 4 سالن دوران اسان جا قرض 30 کان 54 کرب تائين پهچي ويا، مان وڏي عرصي کان چارٽر آف اڪانومي جو چئي رهيو آهيان. اسحاق ڊار چيو ته آمريڪا، جپان ۽ برطانيا ۾ چيو ويندو آهي ته انهن جو ملڪ قرضن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي ويو، پاڪستان کي به معيشت کي سياست کان ڌار ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته بنگلاديش سميت ٻيا ملڪ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ مداخلت ناهن ڪري رهيا، اسمگلرن ۽ هنڊي مافيا ملڪي معيشت کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي جنهنڪري پاڪستان ۾ به حڪومت کي مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي آهي. هن چيو ته نيب جي ڊپ کان ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اسان کي ڪيئي سرڪاري ادارن کي خانگائڻ گهرجي. اسحاق ڊار چيو ته غريب ۽ مستحق ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي پر اسان جي ملڪ ۾ سبسڊي ٽارگيٽڊ هئڻ گهرجي، اسان سوشل سيڪيورٽي لاءِ جيترو خرچ ڪري سگهون ٿا اسان کي ڪرڻ کپي، اسان کي ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي ڇو ته اسان پرڏيهي قرضن تي وڌيڪ نٿا ڀاڙي سگهون. سندس چوڻ هوته پاڪستان بابت مان سدائين جذباتي ٿي ويندو آهيان، مون پاڪستان لاءِ جذباتي ٿيڻ جي قيمت ادا ڪئي ۽ پنج سال جلاوطني جو عذاب ڀوڳيو. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان نائون ريويو جاري آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف سان اعتماد جو فقدان پيدا ڪيو، قرض ڏيڻ وارن جو پنهنجو شرطون هونديون آهن، آءِ ايم ايف ٻوڏ متاثرن جي خرچن جا تفصيل گهريا آهن.
