ڀارت پاڪستان ۾ امن نٿو چاهي، هو بلوچ عليحدگي پسندن جي مالي مدد پيو ڪري: حنا رباني کر

اسلام آباد (بيورو) مملڪتي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ دهشتگردي لاءِ ڪيئي تنظيمن جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي ۽ ثبوت آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته عالمي برادري ڀارت جو احتساب ڪري. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس حنا رباني کر چيو ته اڄ دنيا ۽ خطو مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، افسوس آهي ته اڄ اهڙي معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ آئي آهيان، افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته دهشتگردي ڪرائڻ وارو پاڻ کي دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار قرار ڏي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته صبح پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي سفيرن کي ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ بابت آگاهه ڪيو، ڀارت جوهر ٽائون لاهور ۾ دهشتگردي ڪئي، اسان جاچ مڪمل ٿيڻ ۽ ثبوتن جو انتظار ڪيو، واضح ثبوت آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي. هن چيو ته جوهر ٽائون دهشتگردي ڀارت جو منصوبو هو ۽ اِهو ڀارت انجام ڏنو، جن کي ان دهشتگردي ۾ سزا ملي اِهي فرنٽ مين هئا، واقعي جا اصل ڪردار ڀارتي رياستي پٺڀرائي ۾ آزاد آهن، پاڪستان ان حوالي سان آواز اُٿاريندو رهندو، ڀارت لاڳيتو بلوچ عليحدگي پسندن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيوته ڀارت کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ملڪ دهشتگردي جو فائدو ناهي کنيو ۽ پاڪستان اُهو ملڪ آهي جيڪو دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهيو آهي، جيڪڏهن اوهان پاڙيسرين جي گهرن ۾ باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪندوته باهه اوهان جي گهر به ايندي، ڀارت عالمي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں